ھنڱورجا: پ پ ايم پي اي پاران سارنگ شر کي سخت سزا ڏيارڻ جو وچن
عزيز ميمڻ ، هنڱورجا
پي پي ايم پي اي غزالا سيال چيو آهي ته ٺري ميرواھ ۾ معصوم نينگر سان رٽائرڊ استاد پاران جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ تي استاد کي قانون موجب سخت کان سخت سزا ڏيارڻ لاءِ وزير اعليٰ سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ سان ملاقات ڪنديس ته جيئن اهڙي قسم جا واقعا ڪندڙن کي سخت ڏياري سگھجي ته جيئن اهڙا واقعا ٻيهر پيش نه اچي سگھن.هنڱورجا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سارنگ شر ڏوهاري قسم جو ماڻهون آهي هن جي مٿان اڳم به ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن ۽ ڪيترائي ڀيرا جيل ڪاٽي چڪا آهيون هن وڌيڪ چيو ته پي پي عوامي پارٽي آهي ڪنهن به صورت ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندي وفاقي حڪومت 18 هين ترميم کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي پر ڪنهن به ريت اهڙين ڪوششن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو صوبائي خود مختياري تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي . هن چيو ته ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ سنڌ حڪومت انتهائي سنجيده قدم کنيا جنهن تي سموري دنيا جي ملڪن حڪومت جي تعريف ڪئي پر وفاقي حڪومت غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي رهي .