ھنڱورجا

ھنڱورجا پوليس اسٽيٽ بڻجي ويو، مشتاق سرڪي ساٿين سميت گرفتار، صحافين سان پوليس جي بدتميزي، موبائل ۽ ڪيمرا کسيا ويا

عزيز ميمڻ ، هنڱورجا

Police station surrounded
مشتاق سرڪي جي آزادي لاءِ ھنڱورجا ٿاڻي جو گھيراءُ

ٺري ميرواھ ۾ رٽائرڊ استاد پاران معصوم نينگر کي جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪري گرفتار ٿيڻ  بعد کيس کي سزا ڏيارڻ لاءِ مشتاق سرڪي پاران ٺري ميرواھ ۾ اعلانيل احتجاجي ريلي  لاءِ مشتاق سرڪي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي کان نڪتل ريلي کي رسول آباد وٽ پوليس روڪي ورتو، مشتاق سرڪي ۽ ان جي ساٿين کي گرفتار ڪري هنڱورجا ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪيو ويو ،گرفتار ڪيلن جو لاڪ اپ اندر احتجاج،سخت نعريبازي، مشتاق سرڪي جي گرفتاري جي اطلاع تي ماڻهن جو وڏو انگ ٿاڻي تي پهچي ويو ،مشتاق جي گرفتاري خلاف ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،مشتاق سرڪي کي هڪ ڪلاڪ تائين ٿاڻي ۾ رکڻ بعد ڪجھ ساٿين سان گڏ پوليس نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، مشتاق سرڪي ۽ سندس ساٿين مٿان هنڱورجا ٿاڻي تي ڪيس داخل،مشتاق سرڪي جي گرفتاري وقت ڪوريج ڪرڻ دوران پوليس اهلڪارن جي صحافين سان بدتميزي ، ڊي ايس پي سوڀوديرو هڪ صحافي کي گرفتار ڪيو ۽ ٻين صحافين کان موبائل ۽ ڪيمرا ڦُر ڪيا، پوليس جي اهڙي عمل خلاف صحافين جو ٿاڻي ۽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرا، گرفتار صحافي آزاد، پوليس صحافين سان معذرت ڪئي ۽ ٻن صحافين جا موبائل فون اڃا تائين نه ملي سگھيا،مشتاق سرڪي ۽ ساٿين کي آزاد نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا ،مشتاق سرڪي جي ساٿين حسين کٽي ۽ ٻين جو اعلان،پوليس مشتاق سرڪي کي مختلف ٿاڻن تي گھمائيندي رهي، مشتاق سرڪي قيدين واري پوليس گاڏي اندران جاڳيا جاڳيا سنڌي جاڳيا جي نعرا هڻندو رهيو.

تفصيل موجب ٺري ميرواھ ۾ رٽائرڊ استاد سارنگ شر پاران معصوم نينگر ساحل منڱڻهار کي جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ واري ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس پاران کيس کي گرفتار ڪري سندس مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو جڏهن ته مشتاق سرڪي پاران سارنگ شر کي سزا ڏيارڻ لاءِ ٺري ميرواھ ۾ رٿيل احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪراچي کان پنهنجي ساٿين سميت ٺري اچي رهيو هو ته رسول آباد قومي شاهراھ تي ايڪسائيز چيڪ پوسٽ وٽ ڊي ايس پي هيڊ ڪواٽر مهدي رضا، ڊي ايس پي سوڀوديرو عبدالقيوم مهر جي سربراهي ۾ پوليس وڏن اٽالن مشتاق سرڪي ان جي ساٿين کي روڪي گرفتار ڪري ورتو جنهن بعد مشتاق ۽ سندس جي 50 کان وڌيڪ ساٿين کي هنڱورجا ٿاڻي تي آندو ويو جتي هڪ ڪلاڪ تائين بعد مشتاق سرڪي ۽ ڪجھ ساٿين کي هنڱورجا کان نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button