ھنڱورجا: صحافين جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گھرجي، غلام حسين چانگ
عزيز ميمڻ، هنڱورجا
صحافي اتحاد خيرپور جي صدر غلام حسين چانگ چيو آهي ته خيرپور ضلعي ۾ صحافين جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو بند نه ٿيو ته دمادم مست قلندر ڪئي ويندي پوليس ۽ وڏيرا صحافين کي حراسمينٽ ڪري انهن جي خلاف حق سچ لکڻ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا پيا وڃن گمبٽ جي صحافي حاڪم ڀٽي ۽ پيروسڻ جي صحافي مرتضيٰ جمالي جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جيڪي فوري طور تي ختم ڪيا وڃن.موجوده جمهوري حڪومت ۾ صحافين جي خلاف انتقامي ڪاروايون شروع ڪيون ويون آهن هنڱورجا پريس ڪلب پاران ڪوٺايل سندس جي 48 هين سالگرھ ملهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪيترائي ڀيرا وزير اعليٰ سنڌ توڙي آءِ جي سنڌ پاران صحافين جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل نه ٿيڻ جون يقين ڌياني ڪرائي وئي آهي پر ان جي باوجود اهو سلسلو رُڪجي ناهي سگھيو. تقريب کي سنڌ صحافي سنگت جي مرڪزي وائيس چيئرمين محمد بچل هنڱورو خطاب ڪندي چيو ته غلام حسين چانگ جي صحافت جي دنيا ۾ تمام گھڻي خدمت آهي هن هميشه صحافين جي حقن توڙي غريب ،مسڪين، مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي صحافي اتحاد خيرپور جي اڳواڻ جمال محمود کهڙو خطاب ڪندي چيو ته صحافين جي خلاف رڻ ٻاريو ويو آهي ان باوجود صحافي اتحاد خيرپور جي پليٽ فارم تي خيرپور ضلعي جا صحافي متحد ۽ منظم آهن ضلعي جي صحافين کي گڏ ۾ غلام حسين چانگ جو اهم ڪردار رهيو آهي.تقريب کي صحافي اتحاد خيرپور جي اڳواڻن جمال محمود کهڙو، فضل منگي، لعل بخش سهتو ، فياض سولنگي،منظور حسين جهانگر، شمن راڄپر، حسين بخش ڪُٻر،هادي بخش خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪيو بعد ۾ سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.