ٺٽو

گھارو: ريلوي پُل ۾ ڏار پئجي ويا، علائقي واسين پاران مرمت ڪرائڻ جي گھر

ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو
Broken Pakistan Railway bridgeگهارو لڳ ريلوي پُل ۾ ڏار پئجي ويا، پُل مڪمل طور زبون حاليءَ جوشڪار ٿي ويئي.ڪراچيءَ کانَ سڄي ملڪ لاءِ گذرندڙ ريلوي.پُلين جي حفاظت جا ناقص انتظام.زبون ٿيل پُل ڪنهن وڏي حادثي جوشڪارٿي سگهي ٿي.برطانياجي دور ۾ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙي تائين ريلوي ٽريڪ وڇائڻ دوران برساتي نئين تي اڏيل پُليون اڃاتائين ريلوي اختيارين جي استعمال هيٺ آهن پر افسوس جو انهن جي ڪابهتر مرمت ۽ سارسنڀال نه ٿيڻ سبب ڪيترين ئي پُلين حالت خراب آهي.جنهن سبب ڪنهن وڏي حادثي جو سبب بنجي سگهن ٿيون.ڪراڇيءَ کقن ڪوٽڙي قائم ٿيل پُلين مان لانڍي سيڪشن جي علائقي ڌاٻيجي ۽ گهارولڳ ميل نمبر 74 جي پُل نمبر 77 جي حالت انتهائي زبون حال آهي جنهن جي برساتن کان اڳ مرمت نه ڪئي ويئي ته ڪنهن به وقت مذڪوره پُل ريل جي وڏي حادثي جوسبب بنجي سگهي ٿي.يادرهي ته ڪجھ سال اڳ تيز برساتن سبب رن پٽياڻي واري پُل پڻ تيز برساتن سبب ٽُٽي پئي جنهن سبب ٻن هفتن تائين ڪراچيءَ کان سڄي ملڪ لاءِ ريلوي لائين بندرهي.علائقي واسين ريلوي کاتي کان گهر ڪئي آهي ته پُل نمبر 77 جي مرمت ڪري ريل ۾َسفرڪندڙ هزارين انسانن جون زندگيون بچايون وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button