ڪوٽڙي

ڪوٽڙي ڀرسان ٻولهاڙي ۾ رڪشا ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر پنج ڄڻا زخمي

عمران چانڊيو، ڪوٽڙي

Kotri hospitalڪوٽڙي ڀرسان ٻولهاڙي ۾ رڪشا ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر پنج ڄڻا زخمي، ٽن جي حالت نازڪ. ڪوٽڙي لڳ ٻولهاڙي ۾ تيز رفتار ٽرڪ جو رڪشا کي ٽڪر ، ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ رڪشا ۾ سوار پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا ، زخمين ۾ اياز علي ، رضا علي ، واحد بخش ، هارون کوسو ۽ احمد شامل آھن. واقعي بعد زخمينن کي بلاول ميڊيڪل ڪاليج ڪوٽڙي آندو ويو جتي هنن کي طبي امداد ڏني وئي ۽ ٽن زخمين جي حالت نازڪ هجڻ ڪارڻ کين حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button