ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: پوليس بجلي جا ناڪاره پول وڪرو ڪرڻ لڳي، ايس ايس پي پاران نوٽيس، ھڪ اھلڪار لاڪ اپ

عمران چانڊيو، ڪوٽڙي

ڪوٽڙي جي سائيٽ ايريا ۾ بجلي جا ناڪاره پول ، پوليس موبائل کڻي ڪاٻاڙي جي دڪان تي کپائڻ جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي ، جنهن کانپوء ايس ايس پي ڄامشورو امجد شيخ معامري جو نوٽيس وٺندي هڪ پوليس اھلڪار کي ڪواٽر گھاٽ ڪري ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو ، ان حوالي سان ايس ايس پي امجد شيخ جو چوڻ هوته محڪمي ۾ اھڙن بدڪردار سپاھين جي ضرورت ناھي اهي سزا جا حقدار آھن تنهن ڪري کيس سزا ڏني وئي آھي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button