ڪوٽڙي
ڪوٽڙي: وزيران ڇڇر قتل ڪيس، ٻه جوابدار رمانڊ تي وڏا ڇڇر پوليس حوالي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڪوٽڙي
ڳوٺ وڏا ڇڇر جي قتل ٿيل عورت وزيران ڇڇر جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٻه جوابدار رمانڊ تي وڏا ڇڇر پوليس حوالي، وزيران ڇڇر جي مڙس علي بخش ۽ ڏير ڪريم بخش کي ڄامشوري جي اسپيشل جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، موڪل هجڻ ڪري سيوهڻ جي عدالت بدران ڄامشوري جي اسپيشل جج جي عدالت ۾ جوابدارن کي پيش ڪيو ويو، ايس ايڇ او ڇڇر رسول بخش شيخ عدالت کي استدعا ڪئي ته جاچ هلندڙ آهي، رمانڊ تي جوابدار پوليس جي حوالي ڪيا وڃن ته جيئن وڌيڪ جاچ ڪري سگهجي، عدالت پنجن ڏينهن جي رمانڊ تي ٻئي جوابدار پوليس حوالي ڪري ڇڏيا.