ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: غريب آباد ۾ دڪان جي مالڪي تان جھيڙو، ٻه ماڻھو زخمي

عمران چانڊيو، ڪوٽڙي
ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقي غريب آباد ۾ دڪان جي مالڪي تان جھيڙو جھيڙي ۾ ٻہ ماڻھون زخمي، ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقي غريب آباد ۾ ڪرائي تي ڏنل دڪان مٿان قبضو ٿي ويو ، جڏھن آڪاش ڏاوچ ۽ ٻيا دڪان تي پھتا تہ انھن مٿانھن ڪھاڙي لٺين سان حملو ڪيو ويوجنھن جا ڌڪ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ڪوٽڙي پھچايو ويو،ان موقعي تي آڪاش ڏاوڇ ٻڌايو تہ اسان جي پلاٽ تي 7 سالن کان ڪرائيدار ويٺو آھي پر ٻہ سال اڳ اسان مٿان ڪورٽ سڳوري ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جيڪو ھلندڙ آھي. ڪورٽ سڳوي ۾ ڪيس ھارائيندي ڏسي اڄ مخالف بچل ملاح، رستم چانڊيو، ديدار ملاح، فياض ملاح، اياز ملاح سميت 20 ماڻھون اسان جي دڪان تي قبضو ڪيو جنھن کان پوء اسين پھتاسين تہ اسان تي حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيائون جڏھن تہ اسان تي حملي وقت پوليس موجود ھئي، پر پوليس اسان جي ڪابہ مدد نہ پئي ڪري اسان جي پراپرٽي تي قبضو ٿيل آهي ۽ حملو به اسانجي مٿان ڪيو ويو
هنن ايس ايس پي ڄامشورو کي اپيل ڪندي چيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button