ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: سي آئي پوليس پاران سپر هاءِ وي تي نيو ٽول پلازه وٽ ڪاروائي، مين پوڙي، گٽڪي ۽ منشيات ھٿ

عمران چانڊيو، ڪوٽڙي

Toll Plaza Jamshoro
فائل ڦوٽو

سي آءِ پوليس پاران سپر هاءِ وي تي نيو ٽول پلازه لڳ وڏي ڪاروائي مين پوڙي، گٽڪي ۽ منشيات ۾ استعمال ٿيندڙ لکين رپين جو سامان هٿ ڪري سامان اسمگل ڪندڙ 2 جوابدار به گرفتار ڪري ورتا ڪيس داخل .ايس ايس پي ڄامشورو امجد شيخ موجب ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندڙ مزدا ذريعي فروٽ جي ڪارٽونن ۾ منشيات جو سامان منتقل ڪيو پئي ويو ته خفيا اطلاع تي ڪاروائي ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ لکين روپين جي ماليت جو سامان هٿ ڪيو ويو آهي، ٽرڪ ڊرائيور، ۽ هٿ ڪيل منشيات ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جي مالڪ کي تحويل ۾ وٺي ڄامشورو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button