ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: تپيدارڪوڙيون صحيون ڪري اسان جو پلاٽ ڦٻائڻ جي ڪوشش پيو ڪري، ملاح برادري

عمران چانڊيو، ڪوٽڙي
Mallah community protesting agaist Tapaidarڪوٽڙي سائيٽ جي غريب آباد ڪالوني جي رهواسي محمد بچل ملاح ۽ ديدار علي ملاح دانهيندي چيو ته تپيدار غلام مصطفى ڏاوچ ڪوڙيون صحيون ڪري اسان جو پلاٽ ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي، بااثر تپيدار ڪوڙا ڪيس داخل ڪري حراسان به ڪري رهيو آھي ،اعلا اختياريون نوٽيس وٺن.
ڪوٽڙي ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو ايٽ ڪوٽڙي ۾ ڄاڻايل رهواسين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪوٽڙي جي غريب آباد ڪالوني ۾ اسان جو 4 هزار فوٽ جو پلاٽ آهي جيڪو 10 لکن ۾ خريد ڪيل آهي جنهن جا سمورا دستاويز موجود آهن، پر تپيدار غلام مصطفي ڏاوچ ڪوڙا ڪليم ڪري اسان جو پلاٽ ڦٻائڻ ٿو چاهي ٿو، تپيدار پاران ڪيل روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ درخواستون توڙي ڪورٽن ۾ ڪيل ڪيس به ڪوڙا ثابت ٿي چڪا آهن ان باوجود هو اسان کي پلاٽ خالي ڪرائڻ لاء ڌمڪيون ڏيندو رهي ٿو، تپيدار پاران اڻ سڃاتل نمبرن تان ڌمڪيون پڻ ملي رهيون آهن اهو پلاٽ خالي نه ڪرڻ تي سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن ،
هنن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته تپيدار ڪوڙيون صحيحون ڪرڻ جو ماهر آهي ۽ هن ڪيترائي ڪوڙا کاتا ٺهرايا آهن ان ڪري مٿس فوري طور تي قدم کڻي معاملي جي انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ تپيدار کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button