ھنڱورجا

ڊي ايس پي سوڀوديرو پاران صحافين سان بدتميزي، ڪيمرائون ۽ موبائل ڦري ڇڏيون

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

Journalists community protesting at Hingorja Press Club
ھنڱورجا: پوليس پاران صحافين سان بدتميزي ۽ موبائل ڦر ڪرڻ واري عمل خلاف صحافين جو احتجاج

مشتاق سرڪي ۽ ساٿين کي رسول آباد وٽ گرفتار ڪرڻ واري ڪاروائي دوران هنڱورجا جي صحافين هادي بخش خاصخيلي، عبدالجبار چانگ پاران ڪوريج ڪرڻ دوران ڊي ايس پي سوڀوديرو صحافين سان بدتميزي ڪندي انهن کان موبائل فون ۽ ڪيمرائون ڦُر ڪري کين کي ڪوريج ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.جڏهن ته مشتاق سرڪي کي جڏهن پوليس جي گاڏين ۾ هنڱورجا ٿاڻي تي آندو پئي ويو ته شهر ۾ هنڱورجا جي صحافي مبشر جهانگر ،خالد حسين سهتو پاران رڪارڊنگ ڪرڻ تي پوليس مبشر جهانگر کي گرفتار ڪري سندس وٽان ۽ صحافي خالد سهتو کان موبائل فون ڦُر ڪيا ويا.ان دوران اطلاع تي  صحافي اتحاد خيرپور جي صدر غلام حسين چانگ جي اڳواڻي ۾ صحافي هنڱورجا ٿاڻي تي پهتا جنهن بعد پوليس گرفتار ڪيل صحافي کي آزاد ڪيو ۽ خالد سهتو کان ڦُريل موبائل فون واپس ڪئي ۽ صحافي جي گرفتاري تي ڊي ايس پي هيڊ ڪواٽر ۽ ايس ايڇ او هنڱورجا معزرت ڪئي ٻي پاسي صحافي اتحاد خيرپور پاران پوليس جي اهڙي عمل خلاف پريس ڪلب آڏو غلام حسين چانگ، منظور حسين جهانگر ، فياض سولنگي،شمن راڄپر، هادي بخش خاصخيلي،محمد صديق سولنگي، عبدالجبار چانگ، مبشر جهانگر،سجاد آرائين فياض شيخ، حق نواز سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو صحافي اڳواڻن چيو ته پوليس بنا ڪنهن سبب جي صحافي کي گرفتار ڪيو ۽ ٻين صحافين سان بدتميزي ڪرڻ سان گڏ موبائل ۽ ڪيمرائون ڦر ڪيو ويون . جڏهن ته ٻن صحافين هادي بخش خاصخيلي ۽ عبدالجبار چانگ جي اڃا تائين موبائل فون واپس ناهي ڪئي وئي هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي مڪمل جاچ ڪرائي ملوث پوليس اهلڪارن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button