ٺٽو

ٺٽو: گهارو جا شهري لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج روڊن تي نڪري آيا

ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو

Gharo citizens protesting against shortage of electricity
گھارو جا رھواسي بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪندي

گهارو جا شهري لوڊشيڊنگ ۽ اوور بلنگ کان تنگ ٿي نيٺ احتجاج لاءِ روڊن تي نڪري آيا.لوڊشيڊنگ واڌو بلنگ ختم ڪرڻ جومطالبو.گهاروشهر ۾ روزانه 4 کان 6 ڪلاڪ غيراعلانيه لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بلنگ خلاف شهرين اشرف ملاح لالا ٿهيم منصور چانڊيو ڪريم ملاح عارب ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شهرين پلي ڪارڊ کڻي ڪي اليڪٽرڪ آفيس گهارو اڳيان احتجاجي مظاهروڪيو.ان دوران اڳواڻن خطاب ڪندي چيوته ڪي اليڪٽرڪ جڏهن اسان کان ماهوار اوور پيمنٽ جا بل به وصول ڪري رهي آهي ان باوجود بلن ۾ به بغير ريدينگ جي واڌو بل موڪلياپيا وڃن ته ٻئي طرف غيراعلانيه لوڊ شيڊنگ ڪري اسان جو جيئن جنجال ڪري ڇڏيو.ڪي اکيلٽرڪ انتظاميه پاران شهر ۾ اي بي سي ڪيبل لڳائڻ بعد شهرين سان وعدوڪيوويوته شهرين کي لوڊشيڊنگ کان فري بجلي فراهم ڪري ريڊنگ تحت بل موڪليا ويندا.ان باوجودجئين ئي گرمين جي موسم آئي آهي ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه گرڊاسٽيشن ۾ فني خرابيءَ جوجواز ڄاڻائي روزانو 4 کان 6 ڪلاڪن تائين بجلي بندڪري شهرين کي عذاب ۾ وجهي ڇڏيوآهي احتجاج ڪندڙ شهرين ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه کي چِتاءُ ڏنوآهي ته شهر مان لوڊشيڊنگ ختم ڪري واڌو بلنگ بدران ريڊنگ وارا بل مناسب بل موڪلي شهرين کي مڪمل بجلي مهياڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ٻيهر احتجاج ڪيوويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button