ٺٽو: ملاحن سان ناانصافيون بند ٿيڻ گھرجن، سنڌ ملاح فورم
ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
سنڌ ملاح فورم ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن محمد ايوب ملاح، محمد خان ملاح، محمد عيدن ملاح، الھبخش ميراڻي، عبدالحڪيم گندرو، محمد ھاشم سولنگي، محمد عرس گندرو، ڪامريڊ غلام قادر ميربحر، نثار احمد عرف ڇٽو گندرو ۽ ٻين پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آھي تہ سنڌ جي ملاحن سان ناانصافيون گھٽجڻ بجاء وڌي رھيون آھن، سندن روزگار جي وسيلن تي قبضا ڪرڻ بعد ھاڻي انھن جي ملڪيتن تي بہ قبضن جو سلسلو جاري ڪيو ويو آھي، جيڪو افسوس وارو عمل آھي. ھنن چيو تہ تعلقي سجاول، يوسي مرادپور، ديھ لڌاڪو جي ڳوٺ خير محمد ڪاپائي ملاح جي رھواسي الھڏنو ڪاپائي ملاح جي سروي زمين تي بااثر وڪيل غلام رسول سوھو پاران طاقت جي زور تي قبضو ڪري پنھنجا ھٿياربند ماڻھون ويھاري، مٿن ھٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪرائي ڪاپائي ملاح برادري جو جيئڻ جنجال بنائي ان ڪيس کي سياسي رنگ ڏيئي سموري زمين ڦٻائڻ چاھي ٿو. ھنن چيو تہ ھو متاثر ڪاپائي ملاح برادري سان گڏ آھن. ساڻن ڪابہ ناانصافي ٿيڻ نہ ڏيندا. ان کانسواء ڪينجھر ڍنڍ جي چوطرف ٿيل غيرقانوني قبصن سميت جھمپير لڳ اپيا فارم قائم ڪري مقامي ماھيگيرن جا رستا، لنگھ بند ڪرڻ واري عمل جي پڻ سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گھر ڪئي ويئي تہ ڪينجھر ڍنڍ سميت سمورن پاڻين ٿي ٿيل قبضا خالي ڪرائي ماھيگيرن جو روزگار بچائڻ سميت الھڏنو ڪاپائي ملاح واري زمين تي ٿيل قبضي جي صحيح نموني جانچ ڪرائي ڪاپائي ملاح برادري جي ماڻھن سان انصاف ڪري سندن زمين تي ٿيل قبضو خالي ڪرائڻ سميت مٿن داخل ڪيس ختم ڪري سياسي ماڻھن مٿان الزام تراشي ڪرڻ بند ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.