ٺٽو

ٺٽو: الھڏنو پليجو ۽ گل ضميران مسڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو ڌرڻو

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
ٺٽي ۾ 2 هفتا اڳ قتل ٿيل نوجوان جوڙي الھڏنو پليجو ۽ سندس وني گل ضميران مسڻ جي رهيل قاتلن جي گرفتاري لاء مقتولن جي وارثن پاران مڪلي باء پاس تي مقتول نوجوان جي پيء سومار والدہ ياسمين پليجو، چاچي ڪيس جي فريادي هارون رشيد پليجو، ممتاز پليجو، وڪيل سرور پليجو، وڪيل تنزيلا خاصخيلي آدم پليجو، وقار پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي ٺٽو – ڪراچي ۽ بدين قومي شاهراه بلاڪ ڪري سخت نعريبازي ڪئي، جنھن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن سميت سول سوسائٽي جا نمائندہ توڙي شھري وڏي تعداد ۾ شامل ٿي ويا، ان موقعي تي احتجاج ڪندي مقتول جي وارثن چيو تہ ھن ٻٽي قتل ڪيس ۾ چار جوابدار شامل آھن جن مان پوليس صرف هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، باقي بااثر جوابدار گرفتار ٿي ناھن سگهيا، جيڪي بااثر هجڻ ڪري اسانکي ڌمڪائي ھراسان ڪري رهيا آهي، ھنن گھر ڪئي تہ رھيل سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سمورن جوابدارن جي گرفتاري تائين سندن احتجاج جاري رھندو، ھوڏانھن ٺٽي جي عدالت مان مک جوابدار علي دوست مسڻ جي ٻٽي قتل ڪيس ۾ پڪي ضمانت منظور ڪرائي ويئي اھي، جڏھن تہ رھيل ٻن ٻين جوابدارن جي نہ ضمانت ٿي سگھي اھي ۽ نہ ئي گرفتار ٿي سگھيا آھن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button