ٺٽو

مڪلي: قديمي قبرستان تي قبضو، اڏاوتون شروع، انتظاميه خاموش

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
Graveyard occupiedمڪلي جي قديمي قبرستان شيخ عالي تي قبضا مافيا ديرا ڄمائي قبرستان جي پلاٽن تي قبضا ڪري اڏاوتون شروع ڪري ڇڏيو، ضلعي انتظاميہ ڪوبہ تحرڪ نہ ورتو. ان سلسلي ۾ مقامي مختلف برادري جي ڪيترن ئي ماڻھن مڪلي تي صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي تہ سندن مڪلي جو شيخ عالي قديمي قبرستان آھي، جنھن تي قبضا مافيا طاقت جي زور تي قبضا ڪري اڏاوتون ڪري گھر جوڙي ويھي رھيا آھن، جتي ھاڻي جنازا دفن ڪرڻ جي جاء بہ ناھي رھي، ضلعي انتظاميہ چونڊيل نمائندن کي دانھون ڏيڻ باوجود ڪوبہ تحرڪ وٺڻ لاء تيار ناھي. ھنن گھر ڪئي تہ مڪلي جي شيخ عالي قبرستان جي پلاٽن تي ٿيل غيرقانوني قبضا خالي ڪرائي کين پريشاني کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button