ھنڱورجا
مون مٿان حملو ٿيو، رپورٽ داخل آھي پر پوليس ملزم گرفتار نه پئي ڪري، محسن سولنگي
عزيز ميمڻ، ھنڱورجا
ھنڱورجا لڳ ڳوٺ ملھيراڻي جي رھواسي محسن سولنگي پنھنجي دوستن ڊاڪٽرنذير کوکر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو تہ ڳوٺ جو با اثر گلشير مھنجي مٿان حملو ڪيو مون کي زخمي ڪيو ويو جنھن جي رپورٽ سوڀوديرو ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي ان جي باوجود جوابدار کي پوليس گرفتار ڪرن جي لاءِ تيار ناھي.ھن چيو ته پوليس سان ٻٽ بڻيل آھي جنھن جي ڪري جوابدار آزاد گھمي رھيو آھي وري ٻيھر حملي جون ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي ھن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي.