ھنڱورجا

معصوم نينگر عبدالاحد سولنگي کي قتل ڪندڙن سخت سزا ڏياري ويندي، اسرار خان سولنگي

عزيز ميمڻ ،هنڱورجا

Asrar Solangi
اسرار خان سولنگي پريس ڪانفرنس ڪندي

سولنگي قومي مومينٽ ٽرسٽ جي سربراھ سردار اسرار خان سولنگي چيو آهي ته پير جو ڳوٺ ۾ معصوم نينگر عبدالاحد سولنگي کي قتل ڪندڙ درندا صفت وحشي جوابدارن جي خلاف سخت قانوني طور تي سزا ڏيارڻ لاءِ سولنگي برادري جدوجھد ڪندي رهندي معصوم نينگر جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ تائين چپ ڪري نه ويهنداسين. معصوم نينگر جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ بعد هنڱورجا لڳ ڳوٺ ملهيراڻي سولنگي ۾ سولنگي هائوس نواب زاده سردار اعجاز سولنگي سان پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته سولنگي قومي مومينٽ ٽرسٽ قائم ڪرڻ جو مقصد برادري جي غريب ،بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهن جي بنا ڪنهن فرق جي مدد ڪرڻ آهي هنن چيو ته سولنگي برادري جي متحد ۽ منظم ڪرڻو پوندو پنهنجي نياڻين کي وڌ کان وڌ تعليم ڏيارين ته جيئن تعليم جي هٿيار سان حالتن جو مقابلو ڪري سگھجي .هن چيو ته ايندڙ بلدياتي چوندن ۾ سولنگي برادري سنڌ جي سڀني يوسي، ٽائون، ميونسپل ڪاميٽين جي چيئرمين شپ توڙي ڪائونسلر به سيٽ پنهنجا اميدوار بيهاريا ويندا.پريس ڪانفرنس دوران ديدار سولنگي، نعمت الله سولنگي،صالح سولنگي ۽ ڊاڪٽر محبت سولنگي گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button