ھنڱورجا

مشتاق سرڪي مٿان ايس ايڇ او هنڱورجا گل حسن ڪلهوڙو جي فرياد تي ڪيس داخل

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

Hingorja Polict Station
مشتاق سرڪي ۽ سندس ساٿين کي نامعلوم ھنڌ منتقل ڪيو پيو وڃي

هنڱورجا ٿاڻي تي مشتاق سرڪي ۽ سندس ساٿين مٿان ايس ايڇ او هنڱورجا گل حسن ڪلهوڙو جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي گرفتار ڪيلن ۾ مشتاق سرڪي،ضمير حسين مشوري،صوڀو خان،عامر ميمڻ، غلام محمد ميمڻ،اسد جمالي ،عدنان ڪلهوڙو، عثمان لغاري، واجد لغاري، انيس خاصخيلي،تنوير ترڪ،وزير انصاري، نجيب ڪورائي، صدام ڪورائي، جنيد ڪورائي، زاهد ٻگھيو، سليم سومرو شامل آهن پوليس ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته مشتاق سرڪي ۽ ان جا ساٿي خيرپور ضلعي ۾ لاڳو 144 قلم جي ڀڃڪڙي ڪندي ريلي جي صورت ۾ خيرپور ضلعي ۾ داخل ٿيا جن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي نه روڪجڻ تي ان جي خلاف ڪاروائي وئي آهي پوليس گناھ نمبر 49 قلم 188،353،269،270 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

Heading one

مشتاق سرڪي جي گرفتاري ۽ هنڱورجا ٿاڻي تي ان جي موجودگي جي اطلاع تي مختلف شهرن جا ماڻهون هنڱورجا ٿاڻي تي پهچي ويا جن مشتاق سرڪي جي گرفتاري خلاف سخت احتجاج ڪندي ٿاڻي جو گهيراءُ ڪيو ويو جنهن دوران پوليس ٿاڻي جا گيٽ بند ڪري ڇڏيا.جڏهن ته ٿاڻي جي گيٽ وٽ سماجي اڳواڻ رياض حسين سهتو،حسين کٽي،عبدالخالق کٽي جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو . احتجاج ڪندڙن چيو ته مشتاق سرڪي کي بنا ڪنهن سبب جي پوليس گرفتار ڪري ان جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي . ۽ پوليس معصوم نينگر سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ سارنگ شر جي ونگارو بڻيل آهي هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن مشتاق سرڪي ۽ ان جي سمورن ساٿين کي بنا دير جي آزاد نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا.

Heading 2

مشتاق سرڪي گرفتاري بعد پوليس وين جي ڄاري مان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي ڀلي گرفتار ڪري منهنجي مٿان 50 ڪيس داخل ڪيا وڃن پر ان جي باوجود دنيا جي ڪا به طاقت منهنجي آواز کي روڪي نه ٿي سگھي ٺري ميرواھ جي درندي سارنگ شر کي هر صورت ۾ ڪيفري ڪردار تائين پهچائينداسين هن چيو ته ٺري ميرواھ ۾ اسان جي پر امن ريلي رٿيل هئي ان جي باوجود پوليس اهڙي ڪاروائي ڪري سارنگ شر جهڙن ڪردارن جي ونگارو بڻيل آهي هن چيو ته سنڌ جو شعور هاڻي جاڳي پيو آهي ڪنهن به ريت حق ۽ سچ جي آواز کي روڪي نه ٿو سگھجي ان دوران مشتاق سرڪي مسلسل جاڳيا جاڳيا سنڌي جاڳيا جا نعرا هڻي رهيو هو.

Heading 3

ڪمشنر سکر پاران مشتاق سرڪي جي ٺري ميرواھ ۾ اعلانيل ريلي کانپوءِ امن امان جي صورت حال کي نظر ۾ رکندي ٺري ميرواھ ۾ ريلين ۽ جلوسن تي 144 قلم لاڳو ڪري ڇڏيو هيو ۽ ان بعد گذريل ڏينهن ايس ايس پي خيرپور جي حڪم تي خيرپور ضلعي جي مختلف روڊن کي سيل ڪري ڇڏيو هيو .رسول آباد قومي شاهراھ تي صبح کان ئي پوليس جا وڏا اٽالا مقرر ڪيل هئا جڏهن ته سيٺارجا لنڪ روڊ ۽ ٽول پلازا وٽ به پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي ان کانسواءِ ڪوٽ لالو ۾ به روڊ تي نفري مقرر ڪيل هئي.

Heading 4

Police vehicle problem

ھنڱورجا: مشتاق سرڪي کي نامعلوم ھنڌ منتقل ڪرڻ دوران پوليس جي گاڏي اسٽارٽ نه ٿيڻ سبب پوليس اھلڪار ڌڪو ڏينديمشتاق سرڪي کي هنڱورجا ٿاڻي کان نامعلوم هنڌ منتقل ڪرڻ دوران کيس کي پوليس جي قيدين واري گاڏي ۾ ساٿين سميت جڏهن ٻاهر منتقل ڪيو پئي ويو ته قيدين واري گاڏي جي پٺيان سوڀوديرو ٿاڻي جي موبائل اسٽارٽ نه ٿي سگھي پوليس اهلڪار موبائل گاڏي ڌڪيندا رهيا پران باوجود به گاڏي اسٽارٽ نه ٿي سگھي.

 

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button