متحرڪ ليکڪ ۽ جاکوڙي صحافي اڳواڻ رئيس غلام حسين چانگ
زين سولنگي

جڏهن خيرپور کان حيدرآباد لاءِ پاڪستان نيشنل هاءِ وي سان سفر ڪبو آهي ته راڻيپور شهر کي ڪراس ڪرڻ بعد جيڪو ٻيو وڏو شهر ايندو آهي اهو هنڱورجا آهي . تاريخ جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته هنڱورجا هڪ تاريخي شهر رهيو آهي ، پر هن شهر جي آس پاس به ذرخيز رهي آهي ، علم ادب ۽ ذراعت وغيره جي حوالي سان . هنڱورجه شهر کان ٻاهر هڪ تعليمي ادارو گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول هنڱورجا آهي ان تاريخي درسگاه جي آپوزٽ نيشنل هاءِ وي جي قريب سرسبز ٻنين ۽ خوبصورت باغن جي وچ ۾ هڪ تاريخي ڳوٺ رئيس بنگل خان چانگ آهي ، ان ڳوٺ جي هڪ محنت ڪش پورهيت جي گهر ۾ جنم وٺندڙ غلام حسين چانگ اهو هر گز نه ڄاتو هو ته مون وڏو ٿي ڪو صحافي ٿيندس ، خير ان نوجوان تعليم پرائي ، ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪئي ، هن جي اندر ۾ جيڪو انسان هو اهو ان کي صحافي بڻجي غريبن ، بي پهچ ماڻهن جي مدد لاءِ آماده ڪري چڪو هو ، نيٺ هنن صحافت ۾ پير پاتو ، هو ننڊي هوندي کان محنتي هو ڇاڪاڻ ته هو هڪ محنتي پورهيت جو فرزند هو ، سندس ڪٽنب جا سمورا ڀاتي سوير ننڊ مان اٿي پوکي راهي جي ڪم ۾ مگن رهندا هئا ، مالوند ماڻهو هئا ، نهايت ايمانتداريءَ سان محنت ڪري اڳتي وڌڻ واري فلسفي تي عمل ڪرڻ وارا هئا ، غلام حسين کي به ننڊي هوندي کان سندس ڪٽنب جي ڀاتين به اهو ئي سبق ڏنو ، معنيٰ محنت ، جاکوڙ ، ايمانتداري ، انسانيت جي خدمت ڪرڻ ، وقت جو صحيح استعمال ڪرڻ ، مهارتن ۾ اضافو ڪرڻ وغيره . جنهن نوجوان کي ننڊي هوندي کان اهڙو سبق مليل هجي ته پوءِ اهو نوجوان هن جاکوڙ واري زندگيءَ ۾ پوئتي ڪيئن ٿو رهي سگهي ، اهو سبق اڄ جي نوجوانن لاءِ به آهي مونکي يقين آهي ته جيڪو به ان تي عمل ڪندو اهو پنهنجي زنگيءَ ۾ ضرور ڪامياب ويندو .
غلام حسين چانگ جيئن ئي صحافت کي جوائن ڪيو ان وقت پرنٽ ميڊيا جو دور عروج تي هو ، تمام ٿوريون اخبارون نڪرنديون هيون ، هنن جنهن اخبار کي جوائن ڪيو ان ۾ محنت ڪئي ، ٿورڙي عرصي ۾ شهر توڙي آس پاس جي ڳوٺن ۾ نالو ٿي ويس ، رپورٽنگ سان گڏ آرٽيڪلز ، فيوچر رپورٽون ، تفصيلي رپورٽون ، تفتيشي رپورٽون به شمارياتي انگن اکرن سان لکندا رهيا ، سندن رپورٽنگ جي ساراه سڄي ضلعي ۾ پکڙجڻ سان گڏ سنڌ جي جاکوڙي صحافين تائين پهتي ، وقت گذرندو ويو هنن جي لکڻ ۾ اڃان وڌيڪ پختگي ايندي وئي ، سنڌ ۾ اليڪٽرونڪ ميڊيا جي شروعات ٿي ، پوءِ غلام حسين چانگ پرنٽ ميڊيا کان اليڪٽرونڪ ميڊيا ڏانهن وک کنئي ، پڙهيل لکيل نوجوان هجڻ ناتي ، شماريات ۽ تحقيق ۾ چڱو خاصو تجربو هئن ، پوءِ ته چئنل واري صحافت هنن لاءِ انتهائي آسان ٿي پئي ، پرنٽ ميڊيا جيان هنن اليڪٽرونڪ ميڊيا ۾ وڏو نالو ڪمايو ، پوري ضلعي خيرپور ، نوشهري توڙي سنڌ جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ صحافي هنن کي عزت جي نگاه سان ڏسندا آهن ، غلام حسين صاحب کي مون سميت پوري سنڌ رئيس غلام حسين چانگ جي نالي سان پڪاريندي ۽ لکندي آهي ، اهو انڪري ته هنن جو تعلق هڪ معزز ، محنت ڪش خاندان سان آهي ، صحافت رئيس جو شوق آهي ، مگر هو ان کي عبادت سمجهي ڪندا رهن ٿا . رئيس غلام حسين چانگ جو صحافت ۾ هجڻ به هن سماج لاءِ ڪنهن به غنيمت کان گهٽ ناهي . رئيس پاڻ امن پسند ، ترقي پسند ۽ تعيري سوچ جو حامل رهيو آهي . انسانيت سان محبت ڪندڙ بغير ڪنهن تفريق جي انهن جي خدمت ڪندا رهن ٿا . رئيس سماج ۾ ڪنهن به انسان سان ٿيندڙ ناانصافين تي خاموش نه رهندو آهي ، مگر هنن جو قلم لکندو رهندو آهي . ذراعت جي اشوز کان وٺي انفراسٽڪچر جي مسئلن توڙي اسڪارپ جي ٽيوب ويلن جي بند هجڻ توڙي آبادگارن کي ذرعي جنسن جو اگهه گهٽ ملڻ تي به خاموش نه ويٺا ، مگر مسلسل لکندا رهيا . علائقي ۾ امن جي سفير طور ڪم ڪندا رهندا ، برادرين جي اڻبڻتن جي ڪري ٿيندڙ مسئلن کي ختم ڪرائڻ ۾ صف اول جو ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا .
متحرڪ صحافي ۽ سماج سڌارڪ رئيس غلام حسين چانگ ڪافي سالن کان پريس ڪلن هنڱورجا صدر چونڊجي پيا اچن ، انهن ۾ ڪامياب ليڊر واريون اڻ ڳڻيون خوبيون موجود آهن ، هون پنهنجي دوستن کي مان ڏيڻ وارو انسان آهي ، انهن جي ڏک سور کي پنهنجو ڏک سور سمجهي مدد ڪندو آهي ، هاڻ ته صحافين جي حقن لاءِ جڙيل صحافي اتحاد خيرپور جو صدر به رئيس غلام حسين چانگ کي چونڊيو ويو آهي ، جيڪا پڻ خوشين ڀري ڳالهه آهي. رئيس به ننڊ ڪرڻ وارو ناهي رات ڏينهن پيو سڄي ضلعي ۾ صحافين سان ٿيندڙ ناانصافين لاءِ جاکوڙ ڪري ، حساس طبيعت رکندڙ رئيس هر ايندڙ ويندڙ کي چهري تي هڪ منفرد مسڪراهٽ آڻي ويل ڪم ڪندا آهن ، انهن جي ڏک سور ٻڌندا آهن ، انهن جي حل لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪندا آهن ، رئيس هميشه پنهنجن صحافي دوستن سان گڏ زندگيءَ جي مختلف مڪتبئه فڪر سان تعلق رکندڙ دوستن سان رابطي ۾ رهندا آهن ، ڪڏهن فون تي ته ڪڏهن مئسينجر تي ، ته وري ڪڏهن واٽسپ تي يا ايميل تي ، ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن به ٿيندو آهي ملڻ ۾ ڪو وڏو عرصو گزري ويو آهي ته اچي پاڻ پهچندا ، حال احوال ڪندا ، ڪچهريءَ جو به ڪوڏيو آهي ، پري پري کان سندس دوست اچي ڪچهري ڪندا آهن ، دل سان انهن جي خدمت به ڪندا آهن ، مون ڏٺو ته رئيس جڏهن حج جي سعات حاصل ڪرڻ لاءِ ويا هئا ، اتي به سمورن من گهرين دوستن کي ياد ڪيائون ، مئسينجر وڊيو ڪال تي مون فقير کي به ياد ڪيو هئائون ۽ دعائون گهريون هئائون ، اها سندن پياري شخصيت جي اهم خوبي آهي هر دوست کي مانُ ڏبو ، انهن ۾ ڪابه تفريق ناهن ڪندا .
رئيس جي لکڻ جو سفر ڪافي ڊگهو آهي ، انهن جي تحريرن جو تعداد به سون ۾ آهي ، منهنجي رئيس کي گذارش آهي ته پنهنجين تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻين ، جيڪا پڻ سنڌي صحافت ۽ صحافتي ادب جي خدمت ليکبي ، جيڪو ڪتاب نوجوانن کي صحافتي فن سکڻ ۾ مدد فراهم ڪري سگهي ٿو . رئيس جي ادارت ۾ عظمت پبليڪيشن هنڱورجه جو سفر هڪ يادگار سفر آهي ، عظمت پبليڪيشن جا بهترين شاندار شمارا ڪڊيائون ، رئيس آڏو گذارش رکبي ته ممڪن هجي ته عظمت جي سفر کاي جاري و ساري رکن ته ساراه جوڳو ڪم ليکبو . رئيس ڪيترن ئي نوجوانن کي صحافت جا گر سيکاريندو رهي ٿو ، ڪيترائي نوجوان هنن جا شاگرد آهن ، جيڪي اڄ به پنهنجي استاد سان گڏ آهن ۽ انهن جي صحافتي تجربي مان سکندا رهن ٿا ، هنڱورجا ۽ ان جي آس پاس جي ڳوٺن جي نوجوانن کي صحافت ۾ آڻن لاءِ هر وقت دل جي اٿاه گهراين سان ويل ڪم ڪندا آهن مگر انهن جي ڀرپور نموني مدد ڪرڻ سان گڏ تحفظ به ڪندا آهن . اسان فقيرن جون دعائون آهن رئيس غلام حسين چانگ صاحب پنهنجن دوستن ، پنهنجي اولاد، پنهنجي پوري ڪٽنب سميت سدا خوش هجي ، جڳ جڳ جيئي !!!!!