قبوسعيدخان

قبوسعيدخان: ڍوري شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ، سارين جو ٻج پوکجي نه سگھيو، آبادگارن جو مظاھرو

شبير مگسي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، قبوسعيدخان

قبوسعيدخان,سيف الله مگسي برانچ مان نڪرندڙ ڍوري شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو ميرحسن مگسي جي اڳواڻي ۾ علي المرتضيٰ چوئنڪ وٽ احتجاجي مظاھرو,سيف الله مگسي برانچ جي انجنيئر عطاءُ الله چنجڻي کي ھٽائڻ جو مطالبو، ان موقعي تي ميرحسن مگسي، خادم حسين جاگيراڻي، شبيراحمد مگسي، دريا خان کوسو، خالد حسين کوسو، نوراحمد کوسو سميت ٻين ميڍيا سان ڳالھائيندي چيو ته سيف الله مگسي برانچ مان نڪرندڙ ڍوري شاخ ۾ مسلسل پاڻي نه ھجڻ ڪري علائقي واسين ساريال جو ٻج به پوکي نه سگھيا آھن، ھنن چيو ته علائقي جي آمدني جو ذريعو ساريال فصل آھي، ساريال فصل نه ٿيڻ ڪري علائقي واسي بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي فاقه ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. ھنن چيو ته انجنيئر عطاءُ الله چنجڻي ڍوري شاخ کي ٻن ڏينھن اندر پوڇڙي تائين پاڻي پھچائڻ جو واعدو ڪيو تنھن باوجود ھو ڄاڻي واڻي ڍوري شاخ جو پاڻي بند ڪري آبادگارن سان مائٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪري رھيو آھي,ھنن وزير اعليٰ سنڌ، آبپاشي جي وزير۽سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته انجنيئر عطاءُالله چنجڻي کي فورن ھٽائي ڍوري شاخ ۾ پاڻي فراھم ڪري آبادگارن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button