قبوسعيدخان

قبوسعيدخان: پاڻي ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا، پاڻي کوٽ خلاف مختلف پارٽين جو مظاھرو

شبير مگسي، قبوسعيدخان

قبوسعيدخان ۾ سيف الله مگسي ڪئنال مان نڪرندڙ 8 کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبپاشي عملي خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا آپباشي عملي خلاف ماڻھون سئون جي تعداد روڊن تي نڪري آيا پي ٽي آءِ جي سڏ تي قبو سعيد خان ۾ احتجاجي مظاهرو جڏهن تي ٻئي طرف ، يوسي ڍوري جي مک شھر ڪچي پل ۾ گوادر موٽروي بائي پاس تي آبادگارن جو ڌرڻو جنهن سبب سنڌ بلوچستان جو ٽريفڪ 2 ڪلاڪ معطل نٽهڻ اس ۾ مسافر پريشان –
خبر موجب سيف الله مگسي ڪئنال مان نڪرندڙ 8 کان وڌيڪ شاخن ڍوري شاخ، شهبيگ شاخ ،پتوجا شاخ، قبو شاخ ،لنڊي شاخ, گنداخا ليفٽ رائيٽس سميت ٻين شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف پي ٽي آءِ ضلع قمبر شهدادڪوٽ جي اڳواڻ مير غيبي خان مغيري ۽ حبدار ميرجت جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ڌرتي سبب ٽريفڪ معطل رهي، جتي آبادگارن ۽ سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن پاڻي ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا جهڙا زوردار نعرا هنيا، ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ مير غيبي خان مغيري ،نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ حبدار ميرجت، سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ عبدالخالق کوسو، مير ڪجلو خان مغيري، مير شاجهان مگسي ، حاجي وتار مينگل،ميرحسن مگسي، شهري اتحاد جي صدر امتياز بروهي، عبدالوهاب پندراڻي ، ايس ايس پي اڳواڻ واحد ڪالاڻي، پي ٽي آءِ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ ميڊم ناھيد کهاوڙ، سراج احمد کوسو، ساگر چانڊيو ، جي يو آءِ اڳواڻ عبدالباسط ٻرڙو، سنڌ بروهي اتحاد جي محمد نواز بروهي، ايس ٽي پي جي غلام نبي چنا، شهيد ڀٽو جي نواز علي ڄاموٽ اتحاد جي گل محمد کرل، ۽ ٻين چيو ته آبپاشي ڪامورن جي نااهلي سيف الله ڪينال جي 8 کان وڌيڪ شاخن ۾ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي آهي، جڏهن ٻئي طرف ڪچي پل ۾ آبادگارن جو ،شبير احمد مگسي،خادم جاگيراڻي،دريا خان کوسو جي اڳواڻي ۾ گوادر موٽروي بائي پاس تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنهن سبب 2 ڪلاڪ سنڌ -بلوچستان ڏانهين ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل رهي گاڏين جون قطارون لڳي ويا جنهن جي ڪري مسافرن کي سخت گرمي ۾ پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو، ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته آبپاشي جا ڪامورا پاڻي رشوت عيوض وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري اسان وٽ ميت کي غسل ڏيڻ لا۽ به پاڻي ناهي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته هن مهل تائين هٿان جا آبادگار سارين جي فصل جو ٻيجارو به پوکي ناهيون سگهيا هنن مطالبو ڪندي چتاءُ ڏنو ته 20 جو لاءِ تائين ڄاڻايل شاخن ۾ پاڻي نه پهتو ته ڀرپور احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button