قبوسعيدخان

قبوسعيدخان: آبپاشي عملدارن وعدا نه پاڙيا، آبادگارن جو احتجاج

شبير مگسي، قبوسعيدخان
سيف الله ڪينال جي پڇڙي مان نڪرندڙ ڍوري شاخ جي آبادگارن کي پاڻي نه مليو، آبپاشي عملدارن پاران پاڻي ختم ڪرڻ وارا آبادگارن سان ڪيل واعدن جي پاڙي نه سگهيا.

جنهن ڪري ڍوري شاخ جي آباگارن سئون جي تعداد ۾ ميرحسن مگسي،غلام عباس جاگيراڻي،گهرام بروهي ،محمداعظم بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گوادر موٽروي باءِ پاس ڪچي پل ۾ علامتي بک هڙتال ڪيمپ قائم ڪري ڇڏي. ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع قمبرشھدادڪوٽ جي صدر حاجي قمرالدين گوپانگ پارٽي اڳواڻن سان گڏجي بک هڙتال ڪيمپ تي پهچي ڪري احتجاج ڪندڙ آبادگارن کان تفصيل ورتا ان موقعي تي پيپلزپارٽي ضلع قمبرشھدادڪوٽ جي صدر حاجي قمرالدين گوپانگ ميڍيا اڳيا ڳالهائندي چيو ته سيف الله ڪينال ۾ پاڻي کوٽ آبپاشي عملدارن جي بي ڌياني ۽ بلوچستان ڏانهين لڳل غيرقانوني پائيپن جي ذريعي پاڻي چوري ٿيڻ جي ڪري پيدا ٿئي پئي جنهن ڪري پڇڙي تائين پاڻي نه پيو پهچي هن چيو ته ڍوري شاخ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي 80 آر ڊي مان 10 آر ڍي تائين به پاڻي هن مهل نه پهچي سگهيو جڏهن هاڻي ساريالو پوکائي جي مند به آخري مرحلي آھي هن چيو ته پيپلزپارٽي جي منشور عوامي مسائل حل ڪرڻ آھي هن ڍوري شاخ جي آبادگارن کي خاطري ڪرائندي چيو اسين پيپلزپارٽي جي اعلي قيادت کي ڍوري شاخ ۾ پاڻي کوٽ جي معاملي کان آگاھ ڪري ڍوري شاخ م ھٿرادو پاڻي کوٽ پيدا ڪندڙ آبپاشي عملدارن خلاف جاچ ڪرائڻ جي سفارش ڪري ڍوري شاخ ۾ پاڻي جو مسئلو جلد حل ڪرڻ جي پڻ اپيل ڪنداسين ان موقع تي پ پ پ ميرو خان انفارميشن سڪريٽري مجاهد سومرو ۽ ٻيا اڳواڻ ساڻن گڏ هيا ٻي طرف آبادگارن چيو ته آبپاشي عملدارن اسان سان ڪيل واعدا نه پاڙيا جنهن تي هنن چتاء ڏيندي چيو ته ڍوري شاخ کي پاڻي نه ڏيڻ تائين بک هڙتال جاري رهندي۔

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button