فريدآباد: ٻن سڳن ڀائرن جي آزادي لاءِ وائيس فار مسنگ پرسنز جي سڏ تي ھڙتال
جڙيل چانڊيو، فريدآباد
خبر موجب فريدآباد ڀرسان ڳوٺ الھڏنو تيوڻو مان کنڀي گم ڪيل رياض حسين خاصخيلي ۽ سندس ڀاءُ امتياز خاصخيلي جي وارثن حاجي خاصخيلي، راجا مزمل خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال جاري رکي وئي. کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي وارثن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسانجا نوجوان بنا جواز بي گناھ کنڀي گم ڪيا ويا آھن. سندن جو ڪو ڏوھ گناھ ڪونھي، جيڪڏھن جبري طور کنڀي گم ڪيلن جو ڪو ڏوهه آهي يا ھو ڏوھي آھن ته انھن کي ڪورٽن ۾ پيش ڪري کين ظاھر ڪيو وڃي.ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل پڻ ڪئي.