فريدآباد

فريدآباد: نوجوان آزاد ڪونه ٿيا، سورھيه سنڌي احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو

جڙيل چانڊيو، فريدآباد

Release missing persons of Sindh
سورھيه سنڌي احتجاج ختم ڪرائيندي

فريدآباد ۾ وائيس فار مسنگ پرسنس ۽ کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي وارثن پاران آزاد ڪرائڻ لاءِ شروع ڪيل احتجاج ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سورھيه سنڌي ۽ ٻين جي شرڪت، مسنگ پرسنس اڳواڻن ۽ کنڀجي گم ڪيل نوجوانن جي وارثن کي جوس پياري احتجاج ختم ڪرايو. ھاڻ سڀ مظلوم گڏجي پنهنجي پيارن جي آزادي لاء سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ظلم زيادتين خلاف آواز اٿاري مظلومن جو آواز اقوامتحده ۽ ٻين انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي ادارن وٽ. پھچائينداسين. سورھيه سنڌي
فريدآباد ۾ اڄ 10ھين ڏينهن به مسنگ پرسنس ۽ پنهنجي پيارن جي آزادي لاءِ کنڀي گم ڪيل رياض ۽ امتياز خاصخيلي جي وارثن راجا مزمل، حاجي خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج جاري رکيو ويو. احتجاج دوران جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سورھيه سنڌي فريدآباد پھچي، مسنگ پرسنس ۽ کنڀي گم ڪيل بيگناھ سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۽ وارثن پاران آزادي لاءِ احتجاج ڪندڙن کي جوس پياري احتجاج ختم ڪرايو، ان دوران ھن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته حڪمران انڌا ٻوڙا ۽ گونگا ٿي ويا آھن. پنھنجن پيارن جي آزادي لاءِ ھي ماڻهو گذريل 10 ڏينهن کان سراپا احتجاج بڻيل آهن پر مجال آهي جو انتظاميه سندن احتجاج، نعرا، دانھون ۽ ڪوڪون ٻڌي. ھن چيوته سنڌ جي محب وطن ماڻهن کي سنڌ سان محبت ڪرڻ جي ڏوھ ۾ کين بيگناهه کنڀي گم ڪيو پيو وڃي،سنڌ مان کنڀي گم ڪيل 80 کان مٿي ماڻھن جو گناہ اھو ئي آهي سنڌ سان محبت!! پنجاب جي کنيل ماڻھن کي 12 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرايو وڃي ٿو، انڊيا جي جاسوس دھشتگرد ڪل ڀوشن کي سندس وارثن سان ملايو وڃي ٿو پرسنڌ جي بيگناھ کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي وارثن کي 4 سالن تائين کين ملائڻ ته ڇا پر کين زنده آھن يا انھن کي ماريو ويو آهي. اھو به انھن کي ٻڌائڻ لاءِ تيار ناھن. حفيظ پيرزادو، امتياز، رياض ۽ ٻيا پرامن شھري آھن سندن ڪنهن به تنظيم سان ڪو واسطو رابطو ناھي ان باوجود کين گم ڪيو ويو آهي، ڇا دھشتگرد، ۽ ڏوھاري گهرن ۾ ھوندا آھن سڀني قومي ڪارڪنن کي پنهنجي گهرن مان گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي. ملڪ جي آئين ۾ لکيل آهي ته ڪنهن کي به گرفتار ڪريو ته کين 24 ڪلاڪن اندر مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو وڃي، پر ھتي آئين ۽ قانون کان بالاتر ادارا وھشت ۽ دھشت جي علامت بڻيل آهن جڏهن ڪنهن انصاف جي ادارن مان عوام کي انصاف پلئه نه پوي ته اھي ادارا بند ڪيا وڃن.اسان سڀ مظلوم گڏجي ھاڻي سنڌ جي وڏن شھرن ۾ پنھنجو آواز اٿاري اقوام متحده ۽ ٻين انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ بين الاقوامي ادارن تائين آواز پھچائينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button