فن ۽ فنڪار
علڻ فقير جي وڇوڙي کي 20 سال ٿي ويا، ثقافت کاتي کيس وساري ڇڏيو
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڪوٽڙي
ٽڙي پوندا ٽاريئين جڏهن ڳاڙها گل الو ميان تڏهن ملنداسين جهڙا سريلا آلاپ ڏيندڙ ،سنڌ جي البيلي راڳي علڻ فقير جي وڇوڙي کي 20 سال وهامي ويا، ثقافت کاتي کيس وساري ڇڏيو .
ڄامشورو ۾ ورسي جي موقعي تي پونئرن پاران علڻ فقير جي مزار تي گُل رکي دعا گهري وئي، علڻ فقير جي پُٽ فيروز علڻ جو چوڻ آهي ته بابا فن جي دُنيا ۾ نوان لاڙا پيدا ڪيا، ثقافت کاتي کيس نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، علڻ فقير جي وڇوڙي کي 20 سال گذرڻ باوجود سندس سُريلي آواز جو اڄ به لکين مداحن جي دلين تي راڄ برقرار آهي.