آرٽيڪل

آن لائين تعزيتي ريفرنس ۾ نثار صدييقي کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو

WhatsApp Image 2020 06 28 at 11.43.28 AMآن لائين تعزيتي ريفرنس ۾ جاکوڙي تعليمدان نثار صدييقي کي خراج تحسين لاء سڄي دنيا مان ساڃاه وند شامل.
نثار صديقي ھڪ وسيع نظر تعليمدان۽ اعلي ظرف آفيسر ھو. سندس ڪيل خدمتون موجوده آفيسرن کي تعليم ۽ صحت جي ڪرندڙ معيار لاء جاکوڙڻ جو سڏ آھن.
آفيسرن کي عوامي آزار بدران نثار صديقي وانگي عام ڀلائي جو رستو اختيار ڪرڻ گھرجي.
[divider style=”solid” top=”20″ bottom=”20″]
ڪرونا وبا جي سماجي وٿي ۽ چرپر جي پابندي جي مدنظر رميش راجا ۽ منظور اڄڻ جي شروع ڪيل ورچوئل ويھڪن جي ھفتيوار سلسلي کي قائم رکندي يارنھين گڏجاڻي برک تعليمدان نثار احمد صديقي جو تعزيتي رفرنس طور ٿي گذري. جنھن ۾ سموري دنيا مان سانڃاه وند شريڪ ٿيا ۽ نثار صديقي ڪيل شاندار خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي.
تفصيل موجب تعارفي تقرير ۾ رميش راجا چيو ته نثار صديقي پنھنجي محنت، ايمانداري ۽ اخلاق سان ڀرپورتعليم ۽ ترقياتي خدمتون ڪري پنھنجي زندگي مثالي ۽ اتساھيندڙ بڻائي ويو. افيسرن کي عوامي تڪليفن جو سبب ٿيڻ بدران نثار صديقي وانگي عملي خدمت جو جذبو رکڻ گھرجي. بالا آفيسرن، سياستدانن ۽ سماج سڌارڪن ھوندي تعليمي ۽ صحت جي ادارن جو حال ڏينھون ڏينھن شرمناڪ حد تائين بدتر ٿيندو پيو وڃي. نثار صديقي ثابت ڪري ڏيکاريو ته ههڪ فرد به چاهي ته گهڻو ڪجه ڪري سگهي ٿو.
تعليمي ماھر پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته نثار صديقي ھڪ خاص حڪمت علمي ذريعي غريب ماڻھن کي تيار ڪري اعلي تعليم جي مقابلي ۾ آندو ۽ اداري کي به بلاشڪ ميرٽ، انصاف ۽ قابليت جي بنياد تي ھلايو انڪري اء بي اي سکر سڄي ملڪ ۾ بينالاقومي معيار جو مڃيو وڃي ٿو. نثار علم جو جھنڊو بلند ڪندڙ ھڪ اعلي ظرف آفيسر ھو.
فن لينڊ مان تعليم ۽ ٻولي تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ رخسانه علي چيو ته سنڌ ھڪ اعليٰ صفت مدبر ۽ بھترين تعليمدان کان محروم ٿي وئي. سندن تعليم جي واڌاري ۽ ميرٽ کي فوقيت ڏيڻ وارو عمل سڄي سنڌ لاء مشعلٍ راہ آھي.
ڪئناڊا مان انجنيئر بدر کھڙي چيو ته سنڌ ۾ تعليمي انقلاب آڻيندڙ سائين نثار صديقي تعليم جي ميدان ۾ نوان تجربا ڪري معياري تعليم عام ڪئي. ھو سنڌ جي تعليم کي هڪ نئي دڳ تي چاڙهي امر ٿي ويو. اميد ته اھا علم جي روشني اڳتي وڌندي.
نامياري صحافي مھيش ڪمار چيو ته سائين نثار صديقي سچ پچ سنڌ جو خاموش خدمتگار ھو . انھن سکر آئي.بي.اي يونيورسٽي جي صورت ۾ جيڪو ٻوٽو پوکيو پاڻ آخر تائين ان جي آبياري ڪئي. اسان کي نثار جي مشن کي اڳتي وڌائڻ ۽ تعليم جي واڌاري لاء ڪم ڪرڻو پوندو.
ميزبان منظور اڄڻ چيو ته نثار صديقي سنڌ جي تعليم لاء اڻڳڻيون خدمتن سان گڏ سکر جي ترقي لاء به ڪافي ڪوششون رھيون آهن. ھو ھڪ معجزاتي ۽ وسيع نظر شخص ھو. سندس انسان دوست ۽ غريب پرور عمل قابل فخر آھن. ھاڻي آء بي اي سکر جي ساک برقرار رکڻ لاء قابل ۽ تجريبيڪار تعليمدان کي سربراھ آندو وڃي ۽ اداري کي نثار صديقي نالو ڏنو وڃي.
ان کان علاوه آمريڪا کان آيل ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، بحرين مان منظور سيٺار، دبئي مان ثاقب سيخ ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن مان نوشين اڄڻ، ذوالفقار بھڻ، غلام قادر چانھيو، شڪيل احمد شيخ ، عبدلله سولنگي، جميل احمد شيخ، حاجي خان بوزدار، ساھ شيخ ، انيس نور ميمڻ، نذير سروھي، اماڻ الله ڊرگھ ،حق نواز شيراز چانڊيو، شڪيل احمد سومرو ، انتظار عامر ڪلهوڙو، حسين سھتو، واجد سنڌي، امجد شر، بابو ھرداس، ڊاڪٽر شھزاد شيخ ، معين گلال، احسان علي سھتو، حق نواز چانڊيو، محمد بخش سومرو، حق نواز اڄڻ، ثاقب علي ڀٽي،پروفيسر ديدار ميراڻي، فرمان علي سھتو، عبدالباري اڄڻ، گل بيگ مغيري ۽ ٻين نثار صديقي جي خدمتن کي ساراھيندي ڀرپور خراج پيش ڪيو. ان کان علاوه ڏيھ توري پرڏيھ مان ڪيترن شاگردن ۽ تعليم سان لاگاپيل ماڻھن آن شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button