ھنڱورجا: گڏيجي ۽ بچل ڀنڀرو سرڪاري اسپتال ۾ ڪرونا جا وڌيڪ 10 ڪيس ظاهر

عزيز ميمڻ، هنڱورجا

گڏيجي ۽ بچل ڀنڀرو سرڪاري اسپتال ۾ ڪرونا جا وڌيڪ 10 ڪيس ظاهر،ڪرونا جي متاثرين کي گھرن ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو آهي،هنڱورجا ۾ ڪرونا متاثرين جو انگ وڌي 50 ٿي ويو .تفصيل موجب صحت کاتي جي بچل ڀنڀرو بيسڪ هيلٿ يونٽ ۽ گڏيجي هيلٿ يونٽ ۾ 10 کان وڌيڪ صحت کاتي جي ملازمن ۾ ڪرونا هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي هن سلسلي ۾ ٽي ايڇ او سوڀوديرو ڊاڪٽر رحمت الله سولنگي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن تعلقي سوڀوديرو جي مختلف شهرن ۾ 40 کان وڌيڪ ڪرونا وائرس سيمپل ورتا ويا هئا جن جو رزلٽ آيو آهي ان ۾ گڏيجي هيلٿ يونٽ جا 4 ملازم ۽ بچل ڀنڀرو هيلٿ يونٽ جا 6 ملازمن ۾ ڪرونا هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي جنهن کانپوءِ انهن ملازمن کي گھرن ۾ اندر آئسوليٽ ڪيو ويو آهي. هنڱورجا ۾ ڪرونا وائرس متاثرين جو انگ وڌي 50 ٿي ويو آهي .ڊاڪٽر رحمت الله سولنگي ٻڌايو ته ڪرونا انتهائي تيزي سان پکڙجي رهي آهي ان ڪري ڪرونا کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي ماسڪ ۽ سينيٽائزر جو استعمال ضروري آهي ان سان گڏ سماجي وٿي جو پڻ خيال رکيو وڃي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close