ھنڱورجا

ھنڱورجا: گڏيجي جي رهواسي سهتا برادري جي ماڻهن جو زرعي زمين تي مبينا قبضي خلاف مظاھرو

عزيز ميمڻ،هنڱورجا

ھنڱورجا: گڏيجي جي سھتا برادري جا ظھور حسين ۽ سندس ڀائر زرعي زمين تي مبينا قبضي ۽ ڌمڪين خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي

گڏيجي جي رهواسي سهتا برادري جي ماڻهن جو بااثر پاران زرعي زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش ۽ موتمار ڌمڪيون ملڻ جي خلاف هنڱورجا ۾ احتجاج. تفصيل موجب گڏيجي جي رهواسين ظهور احمد سهتو ،عبدالڪريم سهتو، ڊاڪٽر سڪندر سهتو، ايڊووڪيٽ شمس الدين سهتو جي اڳواڻي ۾ هنڱورجا پريس ڪلب پهچي بااثر پاران زرعي زمين تي مبينا طور تي قبضي جي ڪوشش ۽ موتمار ڌمڪين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو ته گڏيجي جو بااثر اسان جي زرعي زمين تي زبردستي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو جنهن لاءِ اسان کي ڌمڪايو ۽ حيسايو وڃي ٿو جيڪا وڏي ناانصافي آهي هنن ٻڌايو ته ديھ گڏيجي ۽ ديھ ڀيلار ۾ 11 ايڪڙ زرعي زمين اسان جي وڏي ڀاءُ محمد عرس سهتو 1997 ۾ وڏيرو الهوڌايو سهتو کان خريد ڪئي هئي جنهن جا سمورا پئسا ان وقت ئي ادا ڪيا ويا 2007 ۾ وڏيري الهوڌايو سهتو جي وفات کانپوءِ سندس بااثر پُٽ امجد سهتو ۽ ٻين بنا ڪنهن سبب جي زمين جو کاتو ڏيڻ کان انڪار ڪيو بعد ۾ سهتا برادري جي چڱن مڙسن وٽ فيصلو ڪيو ويو جنهن ۾ اسان وڌيڪ 30 لک روپيه ادا ڪيا اهڙي فيصلي جي لکت اسان وٽ پڻ موجود آهي جنهن ۾ امجد سهتو سميت سمورن ڀائرن ۽ ان جي امڙ جون صحيحيون ٿيل آهن هن ٻڌا يو ته فيصلي تحت سيل سرٽيفيڪٽ ملڻ بعد سب رجسٽرار گمبٽ وٽ لکت به ڪئي وئي پر بعد ۾ اسان واري  خريد زرعي  ڪيل زمين سکر جي بااثرن کي وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هنن چيو ته بااثر پنهنجي ڏاڍ مڙسي ذريعي اسان جي زمين تي قبضو ڪري خون ريزي ڪرائڻ گھرن ٿا جڏهن ته اسان شريف ماڻهون آهيون جنهن ڪري قانوني طور تي انهن کي منهن  ڏئي رهيا آهن هنن ٻڌايو ته اسان جو وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر محمد عرس سهتو جيڪو بيمار آهي بااثر ان کي مختلف بهانن سان تنگ ڪري رهيا آهن هنن وزير اعليٰ سنڌ ،آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي سکهر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته زرعي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪندڙ بااثرن جي خلاف ڪاروائي ڪري اسان کي تحف فراهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button