ھنڱورجا

ھنڱورجا: ڊپٽي ڊائريڪٽر آفيس خيرپور ڪرپشن جو ڳڙھ بڻجي ويئي، سنڌ پيرا وٽنري اسٽاف ايسوسيئشن جو الزام

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

SEPWA leaders addressing press conference at Hingorja
سنڌ پيرا وٽنري اسٽاف ايسوسيئشن جا عھديدار پريس ڪانفرنس ڪندي

سنڌ پيرا وٽنري اسٽاف ايسوسيئشن جي مرڪزي چيف آرگنائيزر امداد حسين منگي، وزير حسين ٻانڀڻ ،همت علي سولنگي هنڱورجا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ خيرپور ضلعي جي سمورن اسپتالن جي اسٽاڪ اسسٽنٽ کي وئڪسين ۽ دوائن ڏيڻ کان کتو جواب ڏيندي سڀني اسٽاڪ اسسٽنٽن کي هر مهيني هزار ،هزار روپيه او پي ڊي ۾ جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ پگھارن مان ڪٽوتي ۽ کين ڏورانهن علائقن ڏانهن بدلي ڪرڻ جا نادري حڪم جاري ڪرڻ وڏو ظلم آهي اهڙي ناانصافين جي خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي هنن چيو ته خيرپور ضلعي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي آفيس ڪرپشن جو ڳڙھ بڻيل آهي جتي اسٽاڪ اسسٽنٽ جا سروس بُڪ مڪمل نه ٿا ڪيا وڃن ۽ 12 سالن جي انڪريمينٽ به نه ٿي لڳائي وڃي جيڪا ناانصافي آهي اهڙي ناانصافي جي خلاف آواز اٿاريو ويندو ملازمن کي ڪنهن به ريت اڪيلو نه ڇڏينداسين.هنن چيو ته ٽنڊو محمد خان ڪيٽل فارم مان چور ملازمن کي زخمي ڪري سرڪاري جانور ڪاهي ويا جنهن جي ايف آءِ آر داخل آهي ان باوجود  پوليس ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ لائيو اسٽاڪ جي ملازمن سان ناانصافيون عروج تي آهن ڪامورا ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ غير سنجيده بڻيل آهن جيڪڏهن اسان جا جائز مسئلا حل نه ڪيا ويا ته دما دم مست قلندر ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button