ھنڱورجا

ھنڱورجا: ٽائون ڪاميٽي هنڱورجا جا 4 ملازم ڪرونا وائرس جو شڪار

عزيز ميمڻ، هنڱورجا

Four town committe employees affected by Corona Virusٽائون ڪاميٽي هنڱورجا جا 4 ملازم ڪرونا وائرس جو شڪار ٿي ويا، صحت کاتي پاران چئني ملازمن کي گھرن اندر آئسو ليٽ ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب صحت کاتي پاران ٽي ايڇ او سوڀوديرو ڊاڪٽر رحمت الله سولنگي جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم پاران 2 ڏينهن اڳ هنڱورجا ٽائون ڪاميٽي جي 55 ملازمن جي ڪرونا ٽيسٽ ڪرائي وئي هئي جن جو رزلٽ اچي ويو آهي جن ۾ 4 ملازم عليم شيخ،ابراهيم ميمڻ، شاهد شيخ،ثناالله ڪلهوڙو ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي جن کي گھرن اندر آئسوليٽ ڪيو ويو آهي هنڱورجا ۾ ڪرونا وائرس متاثرين جو انگ وڌي 71 ٿي ويو آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button