ھنڱورجا

ھنڱورجا: ناري ھنڱورجا پريس ڪلب پھچي ويئي، بااثر شخص جي خلاف مظاھرو

عزيز ميمڻ ، هنڱورجا

ھنڱورجا: گل شاھ محلي جي رھواسڻ پنھنجي ٻارڙن سان گڏ ڌيءُ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش خلاف احتجاج ڪندي

هنڱورجا جي گلشاھ غازي محلي جي رهواسڻ هير خاتون پنهنجي ٻارڙن عائشه ،انيتا، سائمه ۽ وڪيل احمد سان گڏجي پريس ڪلب پهچي  بااثر ظهير احمد جي خلاف  احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته بااثر اسان جي خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي بنا ڪنهن سبب جي تنگ ڪري رهيو آهي ان چوڻ تي پوليس ونگارو بڻجي اسان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ 2 ڀيرا ڇاپا هنيا ويا.هن الزام لڳايو ته ظهير احمد منهنجي معصوم نينگري عائشه کي اغوا ڪرڻ جي ارادي سان گھٽي مان کڻي رهيو هيو ته پاڙي وارن جي پهچڻ تي ڀڄي ويو ۽ اسان جي خلاف پوليس وٽ پهتو آهي هن وزير اعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي بااثر خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button