ھنڱورجا

ھنڱورجا: مبينا طور بااثرن پاران پروفيسر عبدالحق ميمڻ جي گھر تي قبضي جي ڪوشش خلاف ميمڻ برادري جو مظاھرو

عزيز ميمڻ ،هنڱورجا

هنڱورج: ميمڻ برادري جا ماڻھو بااثرن پاران مبينا گھر تي قبضي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪندي

هنڱورجا جي ميمڻ محلا ۾ مبينا طور بااثرن پاران پروفيسر عبدالحق ميمڻ جي گھر تي قبضي جي ڪوشش ۽ ڀڃ ڊاھ واري عمل خلاف ميمڻ برادري جي ماڻهن بااثرن جي خلاف پروفيسر عبدالحق ميمڻ، نثار احمد ميمڻ، پروفيسر اسلم ميمڻ،بابو فيض ميمڻ،عبدالشڪور ميمڻ، عبدالرئوف ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو احتجاج ڪندڙن الزام لڳايو ته بااثر ڀائرن عبدالمئومن ميمڻ،عبدالسلام ميمڻ پنهنجي ماڻهن سان گڏجي بنا سبب جي پروفيسر عبدالحق ميمڻ جي گھر تي قبضو ڪرڻ لاءِ حملو ڪرايو ۽ گھر جي ديوار ڊاهي ڇڏي ۽ گھر ۾ ڀڃ ڊاھ پڻ ڪئي وئي جيڪو وڏو ظلم آهي انهي ظلم خلاف هنڱورجا پوليس وٽ دانهيوسين پر پوليس بااثرن سان مليل هجڻ ڪري انهن جي خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي وئي هنن چيو ته بااثر رتوڇاڻ ڪرائڻ چاهين ٿا جنهن جي ڪري حملا ڪرايا پيا وڃن پر اسان جي برادري پر امن آهي قانوني طور تي اسان انهن جي خلاف جدوجھد جاري رکنداسين هنن چيو ته گھر پروفيسر عبدالحق ميمڻ جو آهي ان تي قبضو ڪري عبدالحق کي بي دخل ڪرڻ چاهين ٿا.هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته حملو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڌر جي عبدالمئومن ميمڻ ٻڌايو ته عبدالحق جي گهر تي قبضو ڪرڻ جا الزام ڪوڙا آهن ملڪيت اسان جي آهي جنهن جا سمورا دستاويزي ثبوت اسان وٽ موجود آهن اسان جي ملڪيت تي عبدالحق وارا قبضو ڪري ويٺا آهن

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button