ھنڱورجا

ھنڱورجا: قومي شاهراھ تي تيز رفتار ڪار ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، نوشهروفيروز واسي اجل جو شڪار

عزيز ميمڻ، هنڱورجا

هنڱورجا ڀرسان قومي شاهراھ تي تيز رفتار ڪار ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي،نوشهروفيروز واسي نوجوان ٿڏي تي فوت، عورت ۽ مرد شديد زخمي، زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو ،پوليس ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، روڊ حادثي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.تفصيل موجب هنڱورجا لڳ قومي شاهراھ تي گڏيجي سامهون نوشهروفيروز کان ميرپور ماٿيلو ويندڙ تيز رفتار ڪار ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ نوشهروفيروز واسي نوجوان شير محمد منگسي ٿڏي تي فوت ٿي ويو.جڏهن ته حادثي ۾ مسمات زڪيه ۽ نوجوان عبدالصمد شديد زخمي ٿي پيا جن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو.راڻيپور پوليس ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي پوليس موجب تيز رفتار ڪار ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.هوڏانهن آخري اطلاعن تائين روڊ حادثي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي .جڏهن ته فوتي شير محمد جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button