ھنڱورجا: عيد ويجھو ايندي ئي بدامني عروج تي پهچي وئي

عزيز ميمڻ، هنڱورجا

هنڱورجا ۾ عيد ويجھو ايندي ئي بدامني عروج تي پهچي وئي ،هڪ ئي رات ۾ چور 4 گھرن جو صفايو ڪري ويا،چوري وارداتن جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو . تفصيل موجب عيد ويجھو ايندي ئي چورن علائقي ۾ رڻ ٻاري ڇڏيو .گذريل رات نامعلوم چور سومرا محلا ۾ تعليم کاتي جي رٽائرڊ پٽيوالي محمد صالح سومرو جي گهر جي ڇت ٽوڙي سونا زيورات، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا.ساڳئي رات ڳوٺ دلاور خاصخيلي ۾ نامعلوم چور سهراب خاصخيلي ۽ صدر الدين خاصخيلي جي گھرن ۾ گھڙي سونا زيورات،41 هزار روڪ رقم ، گھريلو ڪپڙا ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا جڏهن ته ڳوٺ ٻيڙو گهانگهرو ۾ نامعلوم چور مولوي اصغر گهانگهرو جي گھر ۾ گھڙي سونا زيورات،روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا.جڏهن ته چئني چوري وارداتن جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close