ھنڱورجا

گڏيجي: ناري خودڪشي اندر ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

Woman commits suiside at Gadeji
ھنڱورجا: نولکي واھ ۾ ٽپو ڏيندڙ عورت جي لاش جي ٽوٻن ذريعي ڳولھا ڪئي پئي وڃي

گڏيجي ڀرسان نو لکي واھ جي پُل وٽان ڳوٺ غلام جعفر خاڪي جي رهواسي شادي شده عورت واھ ۾ ٽپو خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، ڳولها باوجود لاش هٿ اچي نه سگهيو.تفصيل موجب ڳوٺ غلام جعفر خاڪي جي رهواسڻ شادي شده عورت مسمات ريمان خاڪي زال حسين بخش خاڪي گڏيجي ڀرسان نو لکي واھ جي پُل وٽان واھ اندر ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي چيو پيو وڃي ته عورت معصوم ٻارڙي سان گڏ راڻيپور ڪنهن ڪم سان ويل هئي رڪشي ۾ سوار ٿي واپس پنهنجي ڳوٺ ايندي گڏيجي نو لکي پل وٽ رڪشي مان لهي واھ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي خودڪشي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگھيو جڏهن ته ٽوٻن ذريعي لاش جي ڳولها جاري آهي .آخري اطلاعن تائين لاش هٿ اچي نه سگھيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button