گمبٽ

گمبٽ: پريس ڪلب جي سالياني چونڊ ٿي گزري

زين سولنگي، گمبٽ
Gambat Press Clubگمبٽ پريس ڪلب جي سال 2020:21 جون ساليانيون چونڊون اليڪشن ڪاميٽي سينئر صحافي ميان زبير پيرزادو ، سينئر صحافي صفدر سهتو ۽ روشن ملڪ جي نگرانيء ۾ ٿي گذريون ، جنهن ۾ غازي پينل جا سمورا عهديدار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا . صدر واري عهدي تي سينئر صحافي صوفي ڪشور ڪمار، سينيئر نائب صدر شفیق احمد کهڙو، نائب صدر زبير احمد سيال، جنرل سيڪريٽري حفيظ علي منگي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سعيد سڪندر منگي، جوائنٽ سيڪريٽري اڪبر علي سمون، آفيس سيڪريٽري نديم احمد ملڪ، خزانچي انور حسين منگي، پريس سيڪريٽري قاضي عمران احمد، آڊيٽر ممتاز ميمڻ، چونڊجي ويا. نون چونڊجي آيل عهديدارن صوفي ڪشور ڪمار ، حفيظ منگي ، شفيق کهڙي سميت ٻين کي مبارڪن جو سلسلو شروع ٿي ويو ، ميونسپل گمبٽ جي وائيس چيئرمين پير آف گمبٽ پير نورالهدا شاه جيلاني پريس ڪلب پهچي تمام عهديدارن کي گلن جا هار پارايا ، نوجوان ليکڪ زين سولنگي صوفي ڪشور ڪمار جي رهائشگاه تي وڃي هنن کي گلن جو هار پاتو ۽ مبارڪون ڏنيون ، پريس ڪلب گمبٽ جو نئين چونڊجي آيل صدر صوفي ڪشور ڪمار جو صدر ٿيڻ تي سندس پوري سنڌ جي دوستن ۾ هڪ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي ، موبائل ، واٽسپ ، مئسينجر ۽ فيس بڪ تي سندس دوستن خوشي جو اظهار ڪندي خوبصورت پوسٽون رکيون آهن ، سينئر صحافي عبدالرزاق سروهي ، پ پ پ اڳواڻ سائين حسين شاه جيلاني ، صحافين جي اڳوڻ لالا اسد پٺاڻ ، سماج سڌارڪ ڊاڪٽر فضل محمد ميمڻ ، ڪامريڊ نثار ابڙي ، سماج سڌارڪ غلام حسين سهتي ، ھريش ڪمار صحافي محمد علي اڄڻ ، تعليمدان محمد عمر ڀنڊ ، اطلاعات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر صاحب خان ڀنڊ ، سماج سڌارڪ نياز وساڻ ، سماجي اڳواڻ غلام حسين جوڻيجي، تسليم عباسي ، غلام حسين تبسم ڪلهوڙي ، عقيد علي لاشاري ۽ ٻين هن کي مبارڪون ڏنيون ، گلن جا تحفه پيش ڪيا .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button