ڪوٽڙي

ڪوٽڙي ۾ عورت جو رڪشا ۾ ٻار کي جنم ڏيڻ جو انڪشاف ٻارڙو فوت

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڪوٽڙي
ڪوٽڙي ۾ عورت جو رڪشا ۾ ٻار کي جنم ڏيڻ جو انڪشاف ٻارڙو فوت،ڪوٽڙي سائيٽ جي کڏا ڪالوني واري علائقي جي رھواسڻ بشيران زال بچايو کوسو رڪشا ۾ ٻار کي جنم ڏئي ڇڏيو ، جڏهن ته ٻارڙو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو ، متاثره عورت جي وارثن پاران الزام هڻندي ٻڌايو ته هوء مسمات بشيران کي ويم لاء ڪوٽڙي جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال وٺي آيا پر ڊاڪٽرن پاران ويم ڪرائڻ بجاء کيس سول اسپتال حيدرآباد وڃڻ لاء چيو ، غربت سبب اسپتال وڃڻ بجاء متاثره عورت کي گهر وٺي وڃڻ دوارن عورت رڪشه ۾ ٻارکي جنم ڏنو ، جيڪو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، ٻئي پاسي متاثره عورت کي سخت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪوٽڙي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي سندس علاج هلندڙ آهي ، وارثن پاران اعليٰ جاچ جي گهر ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو ويو آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو

عمران چانڊيو

عمران چانڊيو مختلف اخبار ۾ رپورٽر طور ھڪ سال کان ڪم ڪري چڪو آھي، تعليم سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان گريجوئيشن ٿيل، ھڪ کاتي ۾ ڪانٽريڪٽ بنياد تي نوڪري ڪري رھيو آھي. ايڪتا ٽي وي ، ايڪتا اخبار لاء ڇھ مهينا ڪم ڪيل اٿس ان کان علاوه طبيب اخبار ۽ الڪو اخبار لاء به اعزازي رپورٽر طور ڪم ٿيل اٿس.
Back to top button