ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: ڊي ايڇ ڪيو اسپتال آڏو مدي خارج دوائون ڍير تي اڇلايون ويون

عمران چانڊيو، ڪوٽڙي

ڪوٽڙي جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال انتظاميه لکين روپين جون دوائون مدي خارج ڄاڻائي روڊ تي اڇلي ڇڏيون، مختلف قسم جون دوائون ۽ انجيڪشنس اسپتال جي اڳيان روڊ تي گند جي ڍير تي اڇلايون ويون آهن، ان سلسلي ۾ ايم ايس ڊاڪٽر حفيظ آرائين جو چوڻ هو ته دوائون ۽ انجيڪشنس اسپتال جون ناهن پر اسپتال جون سامهون واقع پرائويٽ ميڊيڪل اسٽور وارن جون آهن ، ايم ايس جو وڌيڪ چوڻ هيو ته معامري جي جاچ ڪرڻ لاء ڊي ايڇ او ۽ ڊرگ انسپيڪٽر تي مشمتل ڪاميٽي جوڙي وئي آهي ، ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي ، ٻئي پاسي واضع رهي ته ڪوٽڙي جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ دوائن جي سخت کوٽ آهي ، مختلف وقتن تي ڏورانهن علائقن مان ايندڙ مريض پڻ دوائون نه ملڻ جون شڪايتون ڪندا رهندا آهن .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button