ڪوٽڙي: پوليس پاران وزيران ڇڇر جي ٻيهر پوسٽ مارٽم جي گھر

ڪوٽڙي: رپورٽ عمران چانڊيو
وزيران ڇڇر جي ٻيهر پوسٽ مارٽم جي اجازت ڏيو، جاچ آفيسر جي هاء ڪورٽ ۾ استدعا. پوليس عدالت کي مطمئڻ نه ڪري سگهي، ايس ايس پي ڄامشورو پاڻ پيش ٿئي، عدالت جو حڪم
سنڌ هاء ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بئنچ ۾ ناري وزيران ڇڇر جي والد گل محمد ڇڇر پاران پنهنجي وڪيل معرفت قبر ڪشائي کي روڪڻ جي درخواست ڏني هئي جنهن تي اڄ عدالت ۾ ٻڌڻي هلندڙ آھي ، ان دوران وزيران ڇڇر ڪيس جي جاچ آفيسر فاروق لاکير ۽ ايس ايچ او رسول بخش شيخ سنڌ هاء ڪورٽ حيدرآباد ۾ پيش ٿيا جنهن عدالت کي استدعا ڪندي چيو اسان کي وزيران ڇڇر جي قبر ڪشائي لاء ٻيهر اجازت ڏني وڃي ، جنهن تي عدالت پاران حڪم ڏنو ويو ته پوليس عدالت کي مطمئن نه آھي ڪري سگهي، ايس ايس پي ڄامشورو پاڻ عدالت ۾ پيش ٿي

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close