ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: پلاٽ جي مسئلي تي هلندڙ تڪرار نه نبريو

عمران چانڊيو، ڪوٽڙي
ڪوٽڙي سائيٽ جي غريب آباد ڪالوني ۾ ملاح ۽ ڏاوڇ برادري وچ ۾ پلاٽ جي مسئلي تي هلندڙ تڪرار نه نبريو ، گذريل ڏينهن جهيڙي ۾ زخمي ٿيل ڏاوڇ برادري پاران ملاح برادري کي جوابدار قرار ڏيندي مٿن سائيٽ ڪوٽڙي ٿاڻي تي ايف آء آر داخل ڪرائي ورتي ، ٻئي پاسي سائيٽ ڪوٽڙي پوليس ڪاروائي ڪندي ، ايف آء آر ۾ ملوث ،جوابدارن ديدار ملاح ۽ رستم چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو ،جڏهن ته مبينه طور جوابدار ملاح برادري پاران سائيٽ پوليس کي ڌر ڄاڻائي ، اعليٰ اختيارن کان معامري جي جاچ جو مطالبو ڪيو .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button