ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: وزيران ڇڇر قتل ڪيس، ٻه جوابدار رمانڊ تي وڏا ڇڇر پوليس حوالي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڪوٽڙي

Wazira Chhachhar killersڳوٺ وڏا ڇڇر جي قتل ٿيل عورت وزيران ڇڇر جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٻه جوابدار رمانڊ تي وڏا ڇڇر پوليس حوالي، وزيران ڇڇر جي مڙس علي بخش ۽ ڏير ڪريم بخش کي ڄامشوري جي اسپيشل جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، موڪل هجڻ ڪري سيوهڻ جي عدالت بدران ڄامشوري جي اسپيشل جج جي عدالت ۾ جوابدارن کي پيش ڪيو ويو، ايس ايڇ او ڇڇر رسول بخش شيخ عدالت کي استدعا ڪئي ته جاچ هلندڙ آهي، رمانڊ تي جوابدار پوليس جي حوالي ڪيا وڃن ته جيئن وڌيڪ جاچ ڪري سگهجي، عدالت پنجن ڏينهن جي رمانڊ تي ٻئي جوابدار پوليس حوالي ڪري ڇڏيا.

وڌيڪ ڏيکاريو

عمران چانڊيو

عمران چانڊيو مختلف اخبار ۾ رپورٽر طور ھڪ سال کان ڪم ڪري چڪو آھي، تعليم سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان گريجوئيشن ٿيل، ھڪ کاتي ۾ ڪانٽريڪٽ بنياد تي نوڪري ڪري رھيو آھي. ايڪتا ٽي وي ، ايڪتا اخبار لاء ڇھ مهينا ڪم ڪيل اٿس ان کان علاوه طبيب اخبار ۽ الڪو اخبار لاء به اعزازي رپورٽر طور ڪم ٿيل اٿس.
Back to top button