ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: معصوم شفا خاصخيلي جي فوتگي معامرو، جي ايم ايس کي ھٽائڻ لاءِ احتجاج

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڪوٽڙي
ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ڪوٽڙي جي ايم ايس ڊاڪٽر حفيظ آرائين کي ايم ايس جي پوسٽ تان هٽائي غير جانبدار انڪوائري ڪريو، ڪوٽڙي جي سياسي، سماجي اتحاد جدوجهد ڪاميٽي ڪوٽڙي جي اڳواڻ ديدار شام، اڳواڻ قاري وزير مجاهدي، نياز ڪابورو ، غلام شبير ساند جي اڳوڻي ۾ ڪوٽڙي شاہ لطیف چونڪ کان ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ڪوٽڙي تائين پيادل مارچ ۽ ريلي ڪڍي سخت احتجاج ڪيو ويو،ان موقعي تي احتجاج ۾ شامل ماڻهو
ايم ايس ڊاڪٽر حفيظ آرئين کي هٽايو”
“معصوم شفا خاصخيلي جي وارثن سان انصاف ڪيو”
جا نعرا هڻي رهيا هئا، جڏهن ته ان موقعي تي ڪوٽڙي جدوجهد ڪاميٽي جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڏيڊ مهينو اڳ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ڪوٽڙي ۾ معصوم شفا خاصخيلي جي فوت ٿيڻ واري معاملي تي ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب فوت ٿيڻ جي ايف آئي آر ڪورٽ جي حڪم تي داخل ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ قانوني طور تي ايم ايس کي پوسٽ تان هٽايو وڃي، جنهن بعد غير جانبدار انڪوائري ڪري معصوم شفا خاصخيلي جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته اسپتال ۾ سياسي مداخلت سبب اسپتال جي بجيٽ کي تين وال ڪيو وڃي ٿو، اسپتال ۾ مريضن جو علاج نٿو ڪيو وڃي، ايم ايس سياسي طور مقرر ٿيل آهي جنهن کي بنا دير هٽائي اسپتال مان سياسي مداخلت ختم ڪري غريب مسڪين مريضن جي علاج کي يقيني بڻايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button