ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: ايم ايس بھترين ڪم ڪري رھيو آھي، ڊاڪٽرن جي ريلي

عمران چانڊيو، ڪوٽڙي

ڪوٽڙي جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ايم ايس ڊاڪٽر حفيظ آرائين وچ ۾ ھلندڙ ويتر تيز ،پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي احتجاجن کان پوء ڊاڪٽر به ميدان ۾ لھي آيا ،ڊاڪٽرن پاران ايم ايس جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي ، اسپتال جي مک گيٽ اڳيان مظاھرو ڪيو .
ان موقعي تي ڊاڪٽرن اسلم ملاڻو ، رب شيخ ، آفتاب جمالي ۽ ٻين ڊاڪٽر حفيظ آرائين مٿان لڳايل ڪرپشن جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته پيراميڊيڪل اسٽاف پاران ايم ايس ڊاڪٽر حفيظ آرائين مٿان لڳايل ڪرپشن جا الزام بي بنياد آھن
ھنن وڌيڪ چيو ته ته ايم ايس اسپتال ۾ بھتر ڪم ڪري رھيو آھي پيراميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻن پاران اجائي واويلا ڪئي پئي وڃي ، هنن الزام هڻندي چيو ته پيراميڊيڪل اسٽاف اڳواڻن پاران ايم ايس کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔
احتجاج ڪندڙن چتاء ڏيندي چيو ته جيڪڏھن پيراميڊيڪل اسٽاف پاران ايم تي لڳايل الزام تراشي بند نه ڪئي وئي ته سڄي اسپتال اندر مڪمل او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو واضح رھي ته گذريل پنجن ڏينھن کان ايم ايس ڊاڪٽر حفيظ آرائين ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻن ۾ بل پاس ڪرڻ ۽ ٻين معاملن تان ڇڪتاڻ ھلندڙ آھي .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button