ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: ايس او پيز تحت شادي ڪاڄن جي اجازت ڏني وڃي، آل سنڌسنگيت آسا

عمران چانڊيو
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڪوٽڙي

All Sindh Sangeet

ڪوٽڙي: فنڪارن شاعرن ۽ ڍولڪ نواز سازيندن پاران مظاھرو

ڄامشورو فنڪارن جي فلاح لاءِ ڪم ڪندڙ آل سنڌ سنگيت آسا جي سڏ تي فنڪارن شاعرن ڍولڪ نواز سازيندن طرفان شادي ڪاڄن ۽ تقريبن تي پاپندي خلاف فنڪار سراپا احتجاج شادي ڪاڄن ۽ تقريبن تان ايس او پي تحت پاپندي ختم ڪيو سڄي سنڌ جا ھزارين فنڪار سازيندا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن .
سنڌ ۾ فنڪارن جي سھاتا ۽ فلاح جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم آل سنڌ سنگيت ايسوسيشن ضلعي ڄامشورو جي اڳواڻن صدر فنڪار سڪندر بڙدي، دانش منظور ٿھيم ، سرمد اياز ،چنيسر تيوڻو، ننڍڙو فنڪار عرس چانڊيو، حاڪم چانڊيو ،زيبا منظور ۽ ٻين ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان سازن يڪتارن دھول سميت احتجاج ڪيو ان موقعي فنڪارن دانهيندي چيو تـه ڪورونا سبب سنڌ حڪومت شادي ۽ ٻين ڳائڻ وڄائڻ وارين تقريبن تي پابندي ھڻي ڇڏي آھي جنهن ڪري سڄي سنڌجا ھزارين فنڪار سازيندا ۽ انھن جو خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھي اسان فنڪار امن جا سفير سڄي سنڌ ۾ شادي ۽ ٻين تقريبن ۾ ڳائي وڄائي پنهنجن گھرن جو گذر سفر ڪندا آھيون پنج مھينن کان لاڪ ڊائون سبب بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون ڪافي بيمار فنڪار آھن علاج لاء هنن وٽ پئسه ناهن ،ھنن وزيراعلي’ سنڌ ۽ ثقافت کاتي کان مطالبو ڪيو آھي ته جئين ھوٽلن ٽرانسپوررٽ مارڪيٽن کي ايس او پيز تحت کولڻ جي اجازت ڏني وئي آھي ائين ئي شادين ڪاڄن ۽ ٻين ننڍين تقريبن تان پاپندي ھٽائي وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button