ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: ايريگيشن کاتي جي سرڪاري کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي

عمران چانڊيو، ڪوٽڙي

ڪوٽڙي مان حيدرآباد ويندڙ ايريگيشن کاتي جي سرڪاري مهراڻ ڪار کي ڪوٽڙي جي وچ پل تي اوچتو باھ وڪوڙي وئي. مليل ڄاڻ موجب گاڏي جي انجڻ گرم ٿيڻ سبب ڪار کي باھ وڪوڙي وئي ،ڪار ۾ سوار ٽن ڄڻن گاڏي مان لهي، ڀڄي جان بچائي، جڏهن ته ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو،
ٻئي پاسي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم واري پل بند ٿيڻ سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون ، شهرين کي اچ وڃ ۾ سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻون پئجي ويو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button