ڪوٽڙي

ڄامشورو : ٻه شاگرد موٽر سائيڪل سميت ٽن ڏينھن کان پرسرار طور گم، وارث پريشان

عمران چانڊيو، ڪوٽڙي

احسان علي چانڊيو ۽ اعجاز ڏاھاڻي

ڄامشورو شھر جا ٻه نوجوان گذريل ٽن ڏينھن کان موٽر سائيڪل سميت لاپتا وارثن طرفان ڳولھا لاءِ هٽڙي ، ڄامشورو ،ڪوٽڙي ٿاڻن تي گمشدگي جي رپورٽ داخل وارث سخت پريشان پريس ڪلب پھچي صحافين اڳيان دانھون احتجاج ڳولھا ۾ مدد ڪئي وڃي اسان جا نوجوان ڪنھن بـه سياسي پارٽي ۾ ناھن ميٽرڪ جا شاگرد آھن موٽر سائيڪل تي ھئا ڄامشورو جي پل تي چڙھڻ بعد پرسرار طور گم ٿي ويا آھن
ڄامشورو جي غريب آباد ڪالوني جا رھواسي ، مئٽرڪ جا شاگرد ، نوجوان 17 سالا احسان علي چانڊيو ۽ 16 سالا اعجاز ڏاھاڻي موٽرسائيڪل تي چڙھي ڄامشورو پل تي چڙھيا جنھن دوران پرسرار طور گم ٿي ويا آھن اھڙي گمشدگي خلاف گم ٿيل نوجوانن جي وارثن صحافين اڳيان داھيندي چيو تـه اسان جا نوجوان مئٽرڪ ۾ گڏ پڙھندا آھن گھر جو سامان وٺڻ لاء گھران نڪري پل ھيٺان ڀاڄي وٺي ڄامشورو پل وٽ پھتا تـه اتان لاپتا ٿي ويا آھن اسان ڄامشورو ڪوٽڙي حيدرآباد ۾ گھڻي ڳولھا ڪئي آھي اڃا تائين ناھين مليا ھنن چيو تـه اسان ڄامشورو ڪوٽڙي ھٽڙي باءِ پاس ٿاڻن تي اھڙي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪئي آھي پر اڃا تائين گم آھن جنھن سبب اسان سخت پريشان آھيون ھنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي نوجوانن جو ڪنھن به سياسي تنظيم سان واسطو ناھي ھوشاگرد آھن اسان سان ڳولھا ۾ مدد ڪئي وڃي .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button