آرٽيڪل

پڊعيدن شھر جي واهر آخر ڪير ڪندو؟

وقار ابراهيم راڄپر
Waqar ibrahim rajperپڊعيدن ٽائون ۾ گذريل پنجن سالن ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم ناهي ٿيو جيئن ئي بلدياتي نظام شروع ٿيو آھي تڏھن کان ڪو به ترقياتي ڪم ناهي ٿيو ياد رهي ته پڊعيدن شھر ڏھن وارڊن تي مشتمل آھي جنهن مان 9 ڪائونسلر پاڪستان پيپلز پارٽي جا آھن ۽ هڪ جي ڊي اي جو آھي شھر ۾ ڪم نه ٿيڻ ۽ ڪائونسلرن کي حصو پتي نه ملڻ جي ڪري ستن ڪائونسلرن استيفائون ڏنيون جن کي حصو پتي مليو ۽ ٺيڪا مليا اهي چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر سان گڏ رهيا ياد رهي ته ٽائون ڪاميٽي پڊعيدن جي هر مهيني جي بجيٽ 40 لک رپيا آھي هر هڪ وارڊ جا چار چار لک رپيا اچن ٿا ۽ 150کان مٿي ملازم آھن پر ايتري تائين جو ٽائون جو عملو صفائي ڪرڻ جي لاء تيار ناهن شهر ۾ ناليون ابتيون وهڻ لڳيون ڪراس ٽٽي ويا ملازم ويزاتي آخر پڊعيدن جي صفائي ڪير ڪرائيندو مين گلين چوڪن چوراهن تي ڏينهون ڏينهن بااثرن جي آشرواد تي قبضا وڌڻ لڳا ڪجه ڏينهن جي لاء ڪيبنون ماڊڻيون ۽ برف جي لاء فٽا رکي ان کان پوء اتي تعميراتي ڪم شروع ڪرايو ٿو وڃي ذريعن موجب مليل ڄاڻ مطابق اينٽي انڪروچمينٽ نوشھرفيروز وارن پڊعيدن ٽائون ۾ مين روڊ تي ٿيندڙ تعميراتي ڪم فرزند عرف گوگو جو هلندڙ تعميراتي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي ت جيستائين جڳه جا ڪاغذ ظاهر ٿين تيستائين جڳه جو ڪم بند رهندو پڊعيدن ٽائون ۾ سوچي روڊ سان پرکيو سوچي ڪنهن بااثر سان گڏجي غير قانوني قبضو ڪري جڳه جو تعميراتي ڪم شروع ڪرائي ڇڏيو آھي ٻئي پاسي پڊعيدن ۽ اسٽيشن تي سرڪاري کڏن تي به غير قانوني قبضا وڌي ويا آھن هڪ هڪ ڊرينيج جي لاء چار کان پنجن ايڪڙن تائين کڏ مشتمل هوندي هئي پر هينئر موجوده دور ۾ بااثرن جي قبضا ڪرائڻ کان پوء کڏن تي دوڪان گهر ۽ مال جا واڙا کلي ويا آھن ۽ هڪ حصو به کڏون ناهن بچون کڏن تي قبضا هجڻ جي ڪري بارش پوڻ کان پوء شھر ۽ گهرن جو گندو پاڻي روڊن رستن تي تلائن جي صورت اختيار ڪري وڃي ٿو
ٻئي پاسي نصرت ڪئنال جي ٻنهي ڪپرن تي به قبضا مافيا جو راج ڪئنال مان نڪرندر شاخن جي ٻنهي ڪپڙن تي قبضا مافيا قبضا ڪري پلاٽنگ شروع ڪري ڏني آھي هيٺان کان مٿي تائين حصو پتي ملڻ جي ڪري ڪير ايڪشن وٺڻ جي لاء تيار ئي ناهي ٻئي پاسي جيئن ئي اسان جي تڪ ۾ ايم اين اي ۽ ايم پي اي اليڪشن کٽي آھي ٻه سال گذري ويا آھن پر انهن به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو آھي اليڪشن کٽڻ کان اڳم وڏن وڏن ويگو ۽ پراڊو ۾ ووٽ وٺڻ جي لاء پهچندا آھن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ٻه سال کان مٿي ٽائيم ٿي ويو آھي پر انهن به ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو شھر ۽ آس پاس جا روڊ رستا مڪمل تباه لڳا پيا آھن جنهن ۾ پڊعيدن کان ڀريا روڊ وايا سنياري وايا جمن شر وايا هارون شر وايا گل خان مري پڊعيدن کان درياخان مري پڊعيدن کان جمن شاه روڊ پڊعيدن کان علي بخش لاشاري روڊ سيمت ڪيترن ئي علائقن جا روڊ رستا مڪمل تباه لڳا پيا آھن منٽن جا سفر ڪلاڪن ۾ طئي ٿيڻ لڳا اگر ڪنهن غريب جي ڊليوري ٿئي ٿي ته روڊ رستا خراب هجڻ جي ڪري يان عورت فوت ٿي وڃي يان ٻار فوت ٿي ٿو وڃي اسان حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته پاڻ مرادو نوٽيس وٺي اسان جي شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن ۽ غريب عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button