آرٽيڪل

ٻوڏ جا امڪان ۽ مالي صورتحال…!!!

غلام مصطفيٰ جمالي
Ghulam Mustafa Jamali
غلام مصطفيٰ جمالي

سنڌ اندر مون سون جي برساتن جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي،جڏهن ته صوبي پنجاب اندر انهي چوماسي برسات شروع ٿي وئي آهي ۽  صوبي خيبرپختون خواه جيڪو هڪ جابلو صوبو  آهي  پر انهن جبلن جي اوٽ مان ڪرندڙ برساتي ريلين انهي صوبي اندر به تمام گهڻو نقصان ڪندي آهي. هن وقت تائين هلندڙ برساتن سبب سموري پاڪستان  ۾ ڪافي نقصان جا خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن پر صوبن ۾ ايتري شديد برسات هوندي به سنڌ خاص طور  تي لاڙ خطي   جي سوين واهن  ۾ پاڻي بدران واري اڏامي رهي آهن،جڏهن ته سنڌ اندر مختلف شهرن اندرن برساتون ته پيون آهن پر انهن بارساتن  جي  ڪري سنڌ جي عوام کي ڪو فائدو ناهي پهتو آهي،ڇو ته سنڌ جنهن جي لاڙ وارو خطو جنهن اندر هميشه پاڻي جي شديد کوٽ رهي آهي،پر برساتن جي ڪري لاڙ جا اڪثر واهه جن جو پاڻي پوڇڙ نه ڪندو هو،هن وقت انهن  واهن ۾ ايترو پاڻي ناهي  جو پوڇڙ جي آبادگارن تائين پاڻي آرام سان پهچي  پر پنجاب ۽ خيبرپختون خواه ۾  پوندڙ برساتي وهڪرا سنڌ دريا ۾ پوڻ ڪري،سنڌو ۾ پاڻي جو هڪ وڏو  وهڪرو  ڇڏيو ويو آهي .جنهن جي ڪري سنڌ جي ڪچي کي ٻڌڻ جو خطرو وڌيڪ آهي،۽ ڪچي واري آبادي تمام گهڻي متاثر ٿيڻ جو پڻ انديشو آهي،.جنهن اندر غريب مسڪين ماڻهن جو مال مرڻ ۽ جانيون ذايع ٿيڻ جو پڻ خدشو آهي .ڪچي ۾ رهندر آبادي اڪثر ڪچن گهر تي مشتمل هوندي آهي جيڪي  گهر ملڪل طور برساتي ريلي ۾ ٻڏي ويندا آهن،هن وقت سنڌ اندر  برساتن جو مون سون سلسلي جو  مرحلو به اڄ تائين سنڌ جي مختلف شهرن ۾ داخل ٿي ويندو جيڪو سلسلو ڪجهه ڏينهن  تائين هلندو،سنڌ جي اندر هڪ ته پاڻي جي کوٽ برقرار آهي پر پوءِ هاري معذور طبقو ڪوسششون ڪري ٿورو گهڻو فضل جي پوکائي ڪئي ويندي آهي.پر هر سال سنڌ خطي جي عوام پريشان هوندي آهي،ڇو ته سنڌ اندر برساتون هاڻي تمام نقصان ڪنديون  آهن،ٽماٽن،ڪپهه،مرچن جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو آهي،۽ سنڌ  جي  70فيصد ٻيٺل آبادي سڙي ويندي آهي،پر افسسوس ته انهي ڳالهه جو آهي ته حڪومت طرفان ڪا به اهڙي حرڪت ڏسڻ ۾ نه پئي اچي جنهن سان عوام کي ڪو فائدو ٿي،حڪومت جون  ڪوڙيون  ڳالهيون صرف ۽ صرف غريب عوام کي پريشان ڪرڻ آهن ٻيو ڪجهه به نه گذريل سال  بدين ضلعي ۾ ٽي ڪروڙ  رپيا ڏنا ويا آهن،جيڪي صرف ۽ صرف برسات متاثرن جي مدد جي لاءِ هئا.پر انهي پئسي کي ڪٿي پيو خرچ ڪيو وڃي ڪا خبر ناهي .ٽوٽل پئسا ڪرپشن جي ور چڙهي ويا انهن پئسن مان هڪ رپيو به ظاهر نه ٿيو، جڏهن ته هن وقت ملڪ اندر مالي صورحال تمام گهڻي بحران  جو شڪار آهي ڇو ته هي ديس غريب مسڪين جي رهڻ لاءِ  غذاب بڻيل آهي  جتي غريب مسڪين جي لولي جي ٽڪر لاءِ رات ڏينهن منحت ڪري پگهر جو پورهيو ڪري اتي کيس سندس پورهئي جو اجر ڇا ٿو ملي.!!! کيس پيٽ گذارن جيترو به پئسو ناهي ملندو جو هو سندس بکئي پيٽ سمهندڙ ٻچڻ لاءِ ڪجهه خريد  ڪري سگهي  منهگائي جو راڪاس سندس پگهر جو پورهيو جو پئسو هڪ ئي ڌڪ ۾ ڳڙڪائي ويندو آهي،سڄو ڏينهن  سردي توڙي گرمي سهي  محنت مزدوري ڪندڙ غريب جي زندگي جي درد جي دوا ڪير ڪرڻ وارو ناهي.!!! ڪير به ناهي جو سندس زندگي جي ڏکين اڙاگن سفرن تي سچائي سان سوچي. !!!!غريب مسڪينن جي زندگي  ڏکن ۾ گذارڻ جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ  مان سمجهان ٿو ان ملڪ ۾ تيز بالن جيان مّظلوم  عوام جي حقن  ڌاڙو  ملڪ اندر وڌندڙ ڪرپشن  آهي ،ملڪ اندر مالي بدعنواني ڪا نئين  ڳالهه ناهي اهو بدعنواني جو  جو راڳ صدين کان وڄندو ٿو اچي پر اصل ڳالهه اها آهي ته   انهي مالي بدعنواني ۽ مالي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪهڙي ڪوشش ڪئي آهي حڪومت  دعوِيٰٰ ته وڏيون ڪري رهي آهي پر اصل حقيقت ان تي عمل ڪو به ڏسڻ ۾ ناهي اچي رهيو ڇو ته  ملڪ اندر  هر کاتي ۾ ڪرپشن هڪ ڪينسر جهڙي موذي مرض جيان فهلجي وئي آئي جنهن کي ختم ڪرڻ  لاءِ شايد ئي ڪو هجي جو سوچي.!!!!!  وفاق حڪومت هجي يا سنڌ سرڪار ڪرپشن کي اکين تي رکيل چشمي کان سواءِ صاف ۽ چٽو ڏسي سگهجي ٿو.! ايتري قدر جو سنڌ جا ننڍا وڏا روڊ تباهه ٿي ويا آهن،تعليم لاءِ درس گاهه بڻيل اسڪول،توڙي  ان ۾ ايندڙ هر فند ٿر ڏڪار سٺيل عوام لاءِ ايندڙ ڪڻڪ ڇو نه هجي پر افسوس  سان چوڻو ٿو پوي ته ملڪ اندر مئلن جي ڪفن تي به ڪرپشن آهي جنهن ملڪ ۾ايتري ڪرپشن هجي ان ملڪ جي عوام جي تقدير سون چاندي جي بارش به سڌاري نه سگهندي  ملڪ ۾ ملندڙ هر کاتي ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽٽل آهن  ڪهڙو کاتو آهي جنهن ۾ ڪرپشن ناهي  آخر عوام کي رليف چو نه پيو ملي غريب مسڪين عوام  سسڪي سسڪي زندگي گذاري رهي آهي سندس هر حق تي ڌاڙو لڳي رهيو آهي،ڇو نِڊيل نمائيندن کان ويندي حڪومت سنڌ ۽ وفاق عوام کي ڪو به رليف ناهي ڏئي سگهي جتي سرڪار تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي اها هڪ سٺِي ڳالهه پر حقيقت ۾ ڏسجي ته انهي سان غريب عوام کي ڪهڙو  فائدو پهتو آهي غريب عوام اهو ئي بسن ۽ ويگنن ۾ ڌڪا کائي رهي آهي جڏهن ته ڪرايو پاڻ اڳ کان وڌيڪ ورتو پيو  ..!!غريب عوام پيٽرول پئندي ته ڪون .!!! انهن کي سندس بکئي پيٽ سمهندڙ ٻارن لاءِ هڪ وقت جو ئي سهي پر لولو گهرجي حڪومت  روز مرهه جي شين جي ريٽ کي  گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڇو ڪون پئي ڪري دڪاندارن پنهنجي روز مره جي شين کي پنهنجي هٿ سان ريٽ لکي غريب عوام  سان جيڪو ظلم ڪن پيا هر زوز ڪنهن نه ڪنهن شهر خبر پڙهڻ لاءِ ملندي آهي ته مهگائي خلاف فلان فلان هندن تي مظاهرو ڪيو ويو ڇا حڪومت ۽ چونڊيل نمائيندن جي اکين تي پٽيون ٻڌل آهن جو  کين خبر ناهي….!! سڀ خبر آهي پر اصل  حقيقت آهي احساس جي  غريب عوام  جي درد جي درد کي پنهنجو درد سمجهي انهي کي حل ڪرڻ جي بس اهو ڪير نه ٿو ڪري سڀ ڪو اقتدار جا ڏينهن پورا ڪري  پنهنجا پيٽ ڀري هليو ٿو وڃين عوام اهي ئي درد اها سور اهي بکئي پيٽ سمهندڙ ٻارن جي رڙ ڪوڪ  دانهن ۽ آن.!! ڇو آخر ڇو ايڏي  وڏي اذيت واري زندگي گذارڻ تي سنڌي عوام کي ڇو مجبور ڪيو ويو  آهي پاڪستان جي عوام جنهن ۾ خاص طور سنڌ جي غريب مسڪين عوام.،،،!!! سنڌ اندر 60فيصد غريب مسڪين عوام آهن جن ۾ ڪوڙين خاندان اهڙا به آهن جيڪي کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار بکئي پيٽ سمهن ٿا..!!سنڌ جي عوام ايتري ته ساڌي ۽ غريب آهي جنهن هميشه سنڌ حڪومت کي پنهنجو همدرد ساٿي سمهجو آهي پر کين  انهن مان ڪو  لاٿ نه ملي سگهيو آهي هن ديس جي رهواسين جي  جون شامون راتيون ڏينهن سڀ دردن سان ڀريل آهن  پر ڪنهن کي ڪهڙي معيار ڪجي.!!!پر ڪو ايترو ته ٻڌائي سنڌ اندر رهندڙ ڪنهن ٻئي صوبي وارو بکيو  سمهندو هجي ڪو لولي لاءِ رڙ ڪندو هجي ڪنهن بک وچان ٽائر ساڙيا هجن روڊ بلاڪ ڪيا هجن پر سنڌ جي هر شهر هر ڳوٺ هر وسندين ۾ اڄ هڪڙي قميض ۾ هلندي هزارين ٻار ڏسڻ ۾ ٿا اچڻ جن جي بدن جو ماس بک کائي انهن جي جسمن کي بک هڏن جو پنجرو  بنائي ڇڏيو آهي سندس چهڙي جي چوڌاري مکين پنهنجو لوڙهو  ڏئي اتي گهر ٺاهي ڇڏيو آهي ،بيماريون سندن مقدر ۽ پاچي جيان سندس پويان آهن  سمڻ لاءِ انهن وٺ رلي نه ناهي اوڍڻ لاءِ وٺن اميد ۽ آسرو آهي ٻيو ڪهجه  به نه بي وسي مايوس چهڙا مٽي سندا منهن وکريل وار رت جا ڳوڙها وهندڙ پنهنجي مقدر تي آليون اکيون. جن ۾ هاڻي خواب نه ناهن رهيا  شايد هو وسري ويل آهن.!!!هنن کي هاڻ سارڻ ڇڏي  ڏنو آهي سڀن انهن کي وساري ڇڏيو آهي  پر اها حقيقت آهي سنڌ  جنهن هميشه ڪربلا جون يادون تازا ڪيون آهن هتي جي عوام جو مقدر ڀلي جي مقدر ۾ ڀلي رات جو بکيو پيٽ سمهڻ نصيب ڇو نه هجي پر وٺن حوصلو آهي همت آهي پر حڪومت  سنڌ کي گهرجي ته سنڌ اندر هلندڙ  بک بي روزگاري  جي اشوز تي غور ويچار ڪري انهي عملي ساراه جوڳا قدم کڻي واسين کي جيئڻ جو حق ڏئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button