ٺٽو

ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي ٻوڏ متاثرين لاء قائم ٿيل ڪالوني اھم بنيادي سھوليتن کان محروم، رھواسين جو مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،ٺٽو

Residents protesting at Makli
ترڪش ڪالوني جا رھواسي مظاھرو ڪندي

ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي ٻوڏ متاثرين لاء مڪلي تي قائم ٿيل ترڪش ڪالوني اھم بنيادي سھوليتن کان محروم، رھواسين جو احتجاج، بنيادي سھولتون مھيا ڪري پريشاني کان بچائڻ جو مطالبو. ان سلسلي ۾ ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي ٻوڏ متاثرين لاء 22 سئو گھرن تي مشتمل ترڪش ڪالوني مڪلي جي ڪيترن ئي رھواسين بنيادي سھولتون ڏيارڻ لاء ڪالوني ۾ ھڪ احتجاجي مظاھرو گل حسن رند، غلام محمد شورو، غلام قادر ميربحر جي اڳواڻي ۾ ڪندي ڪيو تہ ڪالوني ۾ پيئڻ جي پاڻي جو سخت بحران پيدا ٿيل آھي، ان کانسواء ڪالوني جي چوديواري، سوئي گئس، موبائيل نيٽ ورڪ نہ ھجڻ سان گڏ بجلي جي اڻ اعلانيہ لوڊشيڊنگ ڪري رھواسي سخت پريشان آھن، چوريون بہ روز جو معمول بڻجي ويون آھن. ضلعي انتظاميہ کي بار بار آگاھي باوجود ڪوبہ عملي ڪم ٿي ناھي سگھيو. ھنن گھر ڪئي تہ ڪالوني ۾ سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري کين پريشاني کان بچايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button