ٺٽو

ٺٽو: ڪُوڙو ڳوٺ، ڪوڙي فزيبلٽي رپورٽ، اسڪول جو ڪم شروع، ڳوٺاڻن جو اعتراض

ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو
School or otaqايجوڪيشن کاتي جي سابقه رٽائرڊ ايس ڊي او ٺٽو يوسف شورو پاران پنهنجي والد يار محمد شورو نالي تي 2009 ڌاري اختيارن جو ناجائز استمعال ڪندي پنهنجي پيءُ جي نالي تي ڪوڙو ڳوٺ يار محمد شورو جي نالي تي ڄاڻائي ڪوڙي فزيبلٽي رپورٽ ٺاهي A.D.O(F) گرلز کان پنهنجي ذاتي اثرسروخ تي ٻه پرائمري اسڪولن جون اسڪيمون ۽ ڪوڙين فزيبلٽي رپورٽن تي ڄاڻايل ٻنهي بلڊنگ مان هڪ بلڊنگ پنهنجي ذاتي زمين ۾ اڏائي ڇڏي جنهن سرڪاري عمارت کي ڳوٺن کان ٻاهر جهنگ ۾ سندس زرعي زمين اڏاوت ڪرائي ڇڏي جڏهن ته اسڪول جو مقصد صرف زرعي زمين اوطاق جي سهولت پيدا ڪئي جنهن کي اوطاق طور استعمال ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ايجوڪيشن کاتي کان منظور ڪرايل ٻي سرڪاري گورنمنٽ پرائمري جي ٻي بلڊينگ جو ڳوٺ خميسو شورو ۾ تعميراتي ڪم روڪرايل ڄاڻايل ڳوٺ خميسو شورو ۾ اڳ ئي پرائمري بوائز ۽ گرلز اسڪول 70 سالن کان هلندڙ آهن ڳوٺ يار محمد شورو يونين جهمپير م وجود ئي نه آهي اهڙي تصديق پڻ يوسي جهمپير طرفان ٿيل آهي ياد رهي ته مذڪرا ڳوٺ يارمحمد شورو جي نالي تي ڪوڙين فزيبلٽن تي منظور ڪيل اسڪولن تي آس پاس جي ڳوٺاڻن پاران اعتراض وارڻ ۽ لاڳاپيل کاتي کي بار بار لکت ۾ شڪايتون پڻ ڪيون جنهن ڪري مختلف وقتن تي ٿيل انڪوارين ۾ پڻ يارمحمد شورو جي ڪٿي به ريڪارڊ نه ملي سگهيو جنهن ڪري ڀرپاسي جي ڳوٺن جي ساڃاونڌ سماجي ماڻھن چئيرمين انٽي ڪرپشن نيب چيئرمن اسلام آباد سميت زميوار ادارن کان فوري انڪوائري ڪرڻ جو مطالبوڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button